سکر

ميمو ۽ اين آر او ڊراما آهن جن جي وسيلي عوام کي بي وقوف بڻايو پيو وڃي: رسول بخش پليجو

Rasool Bux Palijoسکر(بيورورپورٽ) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو آهي ته ميمو ۽ اين آر او ڊراما آهن جن جي وسيلي عوام کي بي وقوف بڻايو پيو وڃي ،ملڪ ۾ هن وقت زيرو زيرو جي گيم هلي رهي آهي موجودهه سياست سان ملڪ کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو سکر ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته لطيف جي مشن تي هلي نئين دنيا قائم ڪري سگهون ٿا ان جي شاعري ۾ ڪردار آهي هو هڪ تحريڪ ۽ هلچل جو نالو آهي جنهن پنهنجي شاعري ۾ مظلوم طبقي ۽ عورتن سان ٿيندڙ ظلم کي وائکو ڪيو ان موقعي تي ادل سومرو،برڪت بلوچ،سچل ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button