آرٽيڪل

سي اين جي سلينڊر جي ڌماڪن ۾ ضايع ٿيندڙ انساني جانين جو ذميوار ڪير……؟

تحرير : ارشاد جوڻيجو / خيرپور ميرس
CNG Carپاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون مناسب اگهه کان وڌي وڃڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽرن توڙي عام ماڻهن پاران سفر جي سهولت کي سستو بڻائڻ لاءِ گاڏين ۾ سي اين جي ڪٽون هڻائي آسان سفر ڪرڻ شروع ڪيوئي مس هو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ تي هلندڙ گاڏين بسن، ويگنن، ڪوسٽرن، توڙي هيوي ويهيڪلز ۾ سلينڊرن جو ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيڻ معمول بڻجي چڪو آهي، حڪومت توڙي وس وارن تي فرض هو ته ٽرانسپورٽ جي گاڏيء ۾ ٿيل پهرين ڌماڪي کانپوءِ ئي ترت حفاظتي اپاء وٺڻ ۽ انهن ڌماڪن کي روڪڻ لاءِ ڪاقانونسازي يا ڪي حفاظتي اپاء وٺن ها پر وقت سر ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ جي ڪري ٽرانسپورٽرن پاران گيس تي هلندڙ گاڏين جا سلينڊر تبديل نه ڪرڻ ۽ انهن جي مناسب مرمت نه ڪرڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گاڏين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ هڪ رواج بڻجي ويو آهي. خيرپور سميت سنڌ جي مختلف شهرن توڙي قومي شاهراهن تي هلندڙ گاڏين ۾ گذريل هڪ مهيني دوران چار ڇرڪائيندڙ واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ پهريون واقعو خيرپور ضلعي جي احمدپورواري علائقي منگهنواري وٽ پيش آيوجنهن ۾ خيرپور کان احمدپور ويندڙ مسافر ويگن ۾ منگهنواري وٽ اوچتو گيس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اٺ مسافر جن ۾ عورتون مرد ۽ معصوم ٻارڙا شامل هئا اهي موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته پنج ماڻهو بعد ۾ مختلف اسپتالن ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا ان واقعي جا زخم اڃا تازا ئي هئا ته حيدرآباد ڀرسان مٽياري واري علائقي ۾ مسافر ويگن ۾ گيس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ پڻ ڏهن کان وڌيڪ بيگناهه مسافر مارجي ويا. انکان اڳ سکر ٽول پلازا ڀرسان پڻ ويگن ۾ گيس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ اٺ ماڻهو زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيوهو. انهن واقعن کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف واري لهر ڇانيل هئي ۽ ماڻهو ويگنن ۽ ٻي ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا پر ٿيڻ واري کي ڪير ٿو روڪي سگهي. اهو گذريل ڏينهن جو واقعو آهي جڏهن خيرپور ضلعي جي هنگورجا واري علائقي کان هڪ مسافر ويگن سيٺارجا طرف وڃي رهي هئي ته روهڙي ڪينال وٽ اوچتو ويگن ۾ گيس جو سلينڊر ڦاٽي پيو ۽ باهه سڄي ويگن کي وڪوڙي وئي. ڌماڪي ويگن ۾ ويٺل ماڻهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي جان بچائي به نه سگهيا. دري کان ويٺل ڊرائيور ٽپو ڏئي ڀڄي ويو ۽ گيٽ کان ويٺل چار مسافر ڌماڪي سبب پري وڃي ڪريا جڏهن ته باقي تيرنهن مسافر پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا. ويگن ۾ اسلام ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ماڙيچا برادري سان تعلق رکندڙ پورهيت عورتون مرد ۽ ٻار شامل هئا جيڪي فيڪٽري ۾ ڪم ختم ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ سيٺارجا طرف وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا. سلينڊر ڦاٽڻ سبب فوت ٿيلن ۾ مسمات سوناري، مسمات راج وندي، مسمات ميران ٻائي، مسمات هنجو، مسمات سڀاڳي، مسمات حاجران ۽ ٻه ٻارڙا شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ مسمات زهران خاتون، نوتو مل پٽ هيرومل، بيربل پٽ منومل، مسمات واڌي زال منومل، ٽيڪم داس پٽ منومل، عاشاٻائي ڌيءُ مصري مل، نينا ٻائي ڌيءُ بيبومل، ڌومومل پٽ بچومل، لاڏومل پت آئل داس سميت تيرنهن ڄڻا زخمي ٿي پيا جنکي هنگورجا ۽ خيرپور اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو جن کي بعد ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن جي اسپتالن ڏانهن علاج لاءِ اماڻيو ويوآهي، ضلع انتظاميه پاران زخمين جي علاج لاءِ ڏهه ڏهه هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ته ڪيو ويو پر ڇا اهي ڏهه ڏهه هزار هيڏي وڏي علاج لاءِ ڪافي آهن؟ جڏهن ته ٻڌايو ويو آهي ته مسافر ويگن ۾ پنجويهه کان وڌيڪ مسافر سوار هئا جن مان تيرنهن زخمي ۽ ٻارنهن فوت ٿي ويا آهن. واقعي کانپوءِ انتظامي طور تي ڪوبه عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتو، فائربرگيڊ نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ماڻهن کي باهه مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه ايتري ته تيز ۽ تپش دار هئي جو ڪوبه ماڻهو بچي نه سگهيو. ان وقت قيامت صغرا جو منظر برپا ٿيل هو ۽ هرطرف روڄ راڙو ۽ ڪهرام متل هو. زخمين کي فوري طور تي اسپتالن ۾ ته داخل ڪيوويو پر خيرپور سميت سڄي اتر سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪوبه برنٽ وارڊ نه هئڻ جي ڪري ڌماڪي سبب سڙيل ماڻهو تڙپندا رهيا ۽ مدد لاءِ واجهائيندا رهيا. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ويگنن ۽ ٻين ٽرانسورٽ جي گاڏين ۾ سلينڊر جي ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانين ضايع ٿيڻ جا ذميوار ٽرانسپورٽر ۽ حڪومت پڻ آهي. ڇوته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ڪيل فيصلن تي سختي سان عمل ڪرائي ها ته وڌيڪ واقعا پيش نه اچن ها. منگهنواري ۾ ويگن ۾ ٿيل پهرين ڌماڪي کانپوءِ ضلع انتظاميه جي سربراهه ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ضلع اندر سي اين جي تي هلندڙ ويگنن تي قلم 144 لاڳو ڪيو هو جنهن تي جيڪڏهن سختي سان عمل ٿئي ها ته سيٺارجا وارو ڏکوئيندڙ واقعو پيش نه اچي ها. واضع رهي ته منگهنواري واقعي کانپوءِ ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي ۾ سي اين جي تي هلندڙ گاڏين تي قلم 144 لاڳو ڪندي کين سلينڊر چيڪ ڪرائڻ ۽ انهنجي مرمت ڪرائڻ لاءِ گاڏين جي وٺ پڪڙ شروع ڪرائي ته بااثر ٽرانسپورٽ مافيا ۽ سي اين جي اسٽيشنز جا مالڪ ان عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ويا ۽ ڊي سي پاران لاڳو ڪيل قلم 144 تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو. واقعي جو ويگن جي ڊرائيور مالڪ سميت ٻين ڪجهه ماڻهن جي خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو پر پراپر جاچ نه ٿيڻ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته گيس سلينڊر جي ڦاٽڻ سبب ضايع ٿيل قيمتي انساني جانين جوذميوار ڪير آهي؟ جيڪڏهن ان عمل تي مڪمل عملدرآمد ٿئي ها ۽ سي اين تي هلندڙ سمورين گاڏين جي سلينڊرن کي چيڪ ڪيو وڃي ها ۽ انهن جي مرمت ڪئي وڃي ها ته شايد وڌيڪ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها. ڪراچي کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ٽرانسپورٽ ڪمشنر پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان سرانجام نه ٿي ڏين جنهن ڪري پڻ اهڙا واقعامعمول بڻيل آهن. پاڪستان ۾ ريلوي جو نظام تباهه ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن جو سفر جو واحد ذريعو پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ئي آهي جنهن تي بااثر ٽرانسپورٽ مافيا جو قبضو آهي. ڪجهه تجزيه نگارن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو اهو به چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ مافيا هٿ وٺي ريلوي جو تباهه ڪرايو آهي ته جيئن سندن پرائيويٽ گاڏيون وڌيڪ ڪمائي سگهن. ظلم جي انتها اها به چئجي ته ٽرانسپورٽ وارا غريب مسڪين لاچار بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن کان ڪرايوته پيٽرول جي اگهه جو وٺن ٿا پر گاڏين ۾ سي اين جي گيس ڀرائي ٻنهي پاسن کان منافعوڪمائي رهيا آهن ۽ پيٽرول جو اگهه وڌڻ سان ئي ٽرانسپورٽر ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏين ٿا ۽ انجو سبب اهو ٻڌائين ٿا ته پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي، ٽريفڪ جي قانون موجب سي اين جي تي هلندڙ گاڏين جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ هڪ ڊپارٽمينٽ جوڙيل آهي جيڪو غيرفعال آهي يا هٿ وٺي انکي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي جنهن جي قانون موجب گيس سلينڊر هر پنج سالن کانپوءِ تبديل ڪرڻ آهي ۽ هر سال انجي مرمت يا ليڪيج چيڪ ڪرڻ بابت ڪم ڪرڻو آهي جنهن تي ڪوبه عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن. ٽريفڪ جي قانون ۾ اهو به شامل ڪيو وڃي ته سلينڊر جي ڌماڪي سبب فوت ٿيندڙ مسافرن جي لاءِ معاوضو حڪومت سان گڏوگڏ انهن ٽرانسپورٽرن تي به لاڳو ڪيو وڃي جن جي لاپرواهي سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن ۽ ڌماڪن سبب زخمي ٿيلن جو علاج معالجو کاڌ خوراڪ ۽ گهرن جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ پڻ ٽرانسپورٽ مافيا کي خرچ برداشت ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ٽرانسپورٽ مافيا کي اهڙي خرچ جو دباء وڌو ويندو ته پوءِ ئي اهي پنهنجي سلينڊرن ۽ گاڏين جي سار سنڀال ڪندا ۽ اهڙا واقعا گهٽجي سگهن ٿا. خيرپور ضلعي ۾ سي اين جي سلينڊر سبب وڌندڙ واقعن ۾ ضايع ٿيندڙ قيمتي انساني جانين جو هڪ دفعو ٻيهر ضلع انتظاميه پاران نوٽيس ورتو ويو۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽرن سان هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ٽرنسپورٽرن جي مرضي سان اهاڳالهه واضع ڪئي وئي ته سي اين جي جي ڌماڪن جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته مسافر سفر جي دوران گاڏين ۾ سگريٽ پيئن ٿا ۽ گيس جي ليڪيج هئڻ جي ڪري سگريٽ مان ئي گيس کي باهه لڳي ٿي جنهن ڪري ڌماڪا ٿين ٿا ۽ بيگناهه ماڻهو مارجي وڃن ٿا تنهن ڪري اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ هاڻي ٽرانسپورٽرن تي اها ذميداري لاڳو هوندي ته ايندڙ ڏهن ڏينهن جي اندر اهي پنهنجي گاڏين جا گيس سلينڊر گاڏين جي هيٺان هڻڻ بدران گاڏين جي ڇتين مٿان لڳائيندا ۽ ان فيصلي تي عمل نه ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سختي سان ڪاروائي ڪئي ويندي. هاڻي دير آيا درست آيا واري پهاڪي تي عمل ڪندي جيڪڏهن ضلع انتظاميه ان فيصلي تي عمل ڪرائي سگهي ته به ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي پونديون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بااثر ٽرانسپورٽ مافيا خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪري مسافرن کي سفرجون سهولتون حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهن تي فراهم ڪيون وڃن ۽ هر ضلع ۽ تعلقي سطح تي ٽرانسپورٽ ڪمشنر ۽ ٽريفڪ جي قانون تي عملدرآمد ڪرائيندڙ اهلڪار مقرر ڪري سي اين جي تي هلندڙ گاڏين جي صحيح نموني چڪاس ڪئي وڃي جيڪڏهن سلينڊر ليڪ يا مرمت جي قابل آهن ته انهن جي فوري طور تي مرمت ڪرائي غريب ماڻهن جون قيمتي انساني جانيون بچايون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button