سيد شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو 83 سالن جي ڄمار ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو
اسلام آباد: حرن جو روحاني پيشوا، فنڪشنل مسلم ليگ جو سربراهه ۽ بزرگ سياستدان پير شاهه مردان شاهه (ثاني) پاڳارو 83 سالن جي عمر ۾ لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌندي ئي اسپتال ۾ وڏي انگ مريد پهچي ويا، جڏهن ته ڪنگري هائوس، پير جو ڳوٺ ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پير پاڳاري جا مريد رات دير سان وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، ذريعن موجب لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾ پير پاڳاري جي لاڏاڻي جي خبر سندس فرزند پير صبغت الله شاهه راشدي ۽ پير صدر الدين شاهه راشدي کي ٻڌائي وئي، ڊاڪٽرن موجب لاڏاڻي کان اڳ پير پاڳاري کي ساهه ۾ تڪليف تيز ٿي وئي، جنهن سبب کيس آءِ سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن پاران گهڻن ڪوششن باوجود پير پاڳاري دم ڌڻي حوالي ڪيو. ان موقعي تي اسپتال ۾ پير پاڳاري جا فرزند، ننهن، برطانيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن، سفارتي عملو، امتياز شيخ، پاڪستان مان ويل سندس 2 ڊاڪٽر ۽ وڏي انگ ۾ مريد پڻ موجود هئا، ان کان اڳ ڊاڪٽرن پير پاڳاري جي صحت سڌرندڙ ٻڌائي هئي ۽ سندس صحت بهتر ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي هئي، پير پاڳاري کي هفتو اڳ ڦڦڙن ۾ انفيڪشن ٿيڻ سبب لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، ان کان اڳ پير پاڳاري جو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ 16 نومبر کان علاج هلي رهيو هو، ٻڌايو وڃي ٿو ته پير پاڳاري جو مڙهه خميس ڏينهن صبح 8 وڳي ڪراچي پهچايو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پير پاڳاري جو مڙهه پهرين ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ پهچايو ويندو، جتان جهاز ذريعي سندس مڙهه اباڻي پير جو ڳوٺ پهچايو ويندو، جتي سندس تدفين ڪئي ويندي، پير پاڳاري جي علاج لاءِ لنڊن روانگي کانپوءِ سندس چيف خليفو ۽ ٻارنهن ٻيا خليفا پير جو ڳوٺ هليا ويا هئا، جيڪي لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ بعد ڪنگري هائوس پهچي ويا، واضح رهي ته پير جو ڳوٺ ۾ ڇهن پاڳارن جي تدفين ٿي چڪي آهي، هاڻي ستين پاڳاري پير شاهه مردان شاهه جي تدفين ڪئي ويندي. پير پاڳارو 22 نومبر 1928ع ۾ پير جو ڳوٺ ۾ ڄائو هو ۽ ابتدائي تعليم پير جو ڳوٺ ۾ خليفن جي نگراني ۾ حاصل ڪئي هئي، علي ڳڙهه ۾ پوليس انسپيڪٽر قاضي صدرالدين پير پاڳاري کي قرآن پاڪ پڙهايو هو، 1946ع ۾ پير پاڳاري کي سامونڊ جهاز ذريعي برطانيا منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن گريجوئيشن ڪئي هئي، 1949ع ۾ لياقت علي خان ۽ پير پاڳاري وچ ۾ برطانيا ۾ ملاقات ٿي وئي، جتي لياقت علي خان پير پاڳاري کي گادي بحال ڪرائڻ جو يقين ڏياريو هو. پير پاڳارو رڳو برطانيا ۽ سعودي عرب کانسواءِ دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ نه ويو هو. پير پاڳاري وٽ اعليٰ نسل جا گهوڙا هئا، جن جي ڊوڙ ڪرائڻ جو کيس شوق هو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ