ڪراچي

حڪومت تعليم تي خاص ڌيان پئي ڏي، وڌيڪ 14 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويندا: پير مظهر

Pir Mazharڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينئر وزير سنڌ تعليم و خواندگي پير مظهرالحق چيو آهي ته برطانيه تعليم جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪ آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي تعليم جي ترقئ جي لاءِ خصوصي سهڪار ڪري رهيو آهي انهن خيالن جو اظهار هن برطانيه ۾ منعقد ورلڊ ايجوڪيشن فورم ڪانفرنس جي ٽين ڏينهن تي شرڪت ڪرڻ کانپوءِ برطانيه جي وزير تعليم مائيڪل جووسان ملاقات ڪرڻ وقت هتي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي دوران ڪيو.پير مظهرالحق برطانيه جي وزير تعليم مسٽر مائيڪل جوو کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو لکيل ڪتاب ”ريڪنسيئليشن“ پيش ڪيو جنهن تي مسٽر مائيڪل جوو خوشئ جو اظهار ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي عطيم ۽ تمام وڏي ليڊر هئي آئون سندس شخصيت کان گهڻو متاثر آهيان سندس لکيل ڪتاب جو پوري طرح مطالعو ڪندس، هن چيو ته محترمه هڪ بهادر ۽ تمام گهڻي ذهين عورت هئي. جنهن پنهجي ملڪ ۽ عوام جي خاطر پنهجي جان جو نذرانو ڏنو. ملاقات دوران برطانيه جي وزير تعليم مسٽر جوو سنڌ جي سينئر وزير تعليم کي يقين ڏياريندي چيو ته اسان سنڌ جي تعليم جي بهتري ۽ ترقئ جي لاءِ پنهجو مڪمل سهڪار ڪنداسين.هن ڪانفرنس ۾ سينئر وزير سنڌ برطانيه جي وزير خارجه مسٽر وليم هيڪ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي تعليمي نظام توڙي ٻين معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته وزير خارجه مسٽر وليم هيڪ چيو ته تعليم جي ميدان ۾ برطانيه جي حڪومت پاران پاڪستان ۽ خصوصي سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو، ملاقات جي دوران سيڪريٽري تعليم سنڌ محمد صديق ميمڻ پڻ موجود هو. ان موقعي تي سينئر وزير سنڌ پير مظهرالحق چيو ته ورلڊ ايجوڪيشن فورم عالمي ڪانفرنس ۾ جتي مختلف ملڪن جي تعليم جي وزيرن پنهجا پنهجا مسئلا ۽ ڪارڪردگي پيش ڪئي اتي سنڌ جي تعليم سان درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪئي اٿم. پير مظهرالحق چيو ته هر ملڪ جي ترقئ جو مک بنياد تعليم ئي آهي جنهن جي ڪري ترقي يافته ملڪ اڄ هن جديد دور ۾ پاڻ هر فيلڊ ۾ مڃرائي رهيا آهن ليڪن افسوس جو پاڪستان ۾ گهڻو وقت غير عوامي ۽ آمريتي حڪومتون قابض رهيون آهن جن تعليم تي ڪوبه توجهه نه ڏنو جنهن جي باعث پاڪستان جي تعليمي نظام کي سخت نقصان رسيو ليڪن پيپلز پارٽي جي جمهوري ۽ عوامي حڪومت جي چار ساله موجوده دور اقتدار ۾ تعليم کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ تمام اهم اقدامات کنيا ويا آهن جن سان مثبت نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن. پير مظهرالحق چيو ته ورلڊ بنڪ، يورپين يونين، يوايس ايڊ ۽ ٻين ڊونر ادارن سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ تمام گهڻو ساٿ ڏنو آهي جنهن مان ڪافي لاڀ حاصل ٿيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نج ميرٽ تي 14000 استادن جي ڀرتي ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته استادن جي ڀرتي جي ان عمل کي سياسي مداخلت کان به مڪمل پاڪ ڪيو ويو آهي جڏهن ته مونکي ان سلسلي ۾ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي مڪمل حمايت حاصل آهي جڏهن ته سنڌ جي سمورن سياسي پارٽين پڻ ان فيصلي جي آجيان ڪندي مڪمل سهڪار ۽ حوصلاافزئي ڪئي آهي جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان. پير مظهرالحق چيو ته استاد ئي بهتر قوم جي تشڪيل ڏيندا آهن ۽ اهي لکيل پڙهيل معاشري جي تعمير ڪندا آهن ان لاءِ هاڻ استاد جهڙي معزز پيشي ۾ نااهل ماڻهن جي بجاءِ اهليت ۽ ذهين استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان سلسلي ۾ تمام جلد 14000 هزار وڌيڪ استاد ڀرتي ڪرڻ جو پروگرام عمل ۾ آندو پيو وڃي جن جون پوسٽون جلد ايڊوٽائيز ڪرائڻ جا احڪامات پڻ ڊپارٽمنٽ کي ڏئي ڇڏيا آهن. ان موقعي تي پير مظهرالحق چيو ته آئون برطانيه جي وزير تعليم مسٽر مائيڪل جوو ۽ وزير خارجه مسٽر وليم هيڪ جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن سنڌ جي تعليم جي بهتري جي لاءِ پنهجي ڪمل سهڪار جي يقين دهاني ڪرائي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button