بلاگ

ھڪ استاد جو قتل

Teacherپروفيسر رشيد چنڙ جو قتل ھڪ استاد جو نه پر جھالت ھٿان روشني جو قتل آھي، اھي به ڏينھن ھوندا ھئا جڏھن شاگرد خاص طور تي مئٽرڪ تائين استادن کي جھڪي ملندا ھئا ۽ ڪٿي استاد کي ڏسندا ھئا ته رستو ئي مٽائي ويندا ھئا ته ڪٿي استاد ڏسي نه وجھي، اھو استادن کان خوف نه پر سندن لاءِ مان ھوندو ھئو۔ پروفيسر رشيد چنڙ جي قتل جو ٻڌي ۽ اھو به ھڪ عظيم درسگا ھ ۾ ڏاڍو افسوس ٿيو، اسان سنڌي جيڪي اڳ ۾ ئي جاھل سڏيا پيا وڃون، اسان ئي بجاءِ ان جي جو علم پرايون، سياست جي ور چڙھي ويا آھيون، سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست بدمعاشي۾ بدلجي ويئي آھي، ٿيڻ ته ائين کپي ته سياسي تنظيمون شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن، تعليم جي عام ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن پر اھي ته ھاڻي قاتل پيون پيدا ڪن۔ علم ته جھالت کي ختم ڪندو آھي پر ھي ڪھڙا شاگرد آھن جيڪي يونيورسٽين ۾ پڙھندي به جاھل ئي رھن ٿا ۽ وڌيڪ ته ڏوراھن علائقن کان ايندڙ شاگرد کي پڙھڻ به نه ٿا ڏين۔ ايستائين جو سنڌ جيڪا سيڪيولر سڏبي آھي اتي ايستائين جو گذريل سال ھڪ تنظيم امام حسين عليه السلام جو ذڪر به نه ڪرڻ ڏنو ھو، ان مان ظاھر آھي ته انھن جو ڏورين ڪنھن ٻي جڳھ تان ھلن پيون۔ اسان پروفيسر رشيد چنڙ جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ نااھل انتظاميه جي مذمت ڪريون ٿا جيڪي استادن کي تحفظ به نه ٿا ڏيئي سگھن ۽ گڏوگڏ رينجرس جيڪي يونيورسٽي جي خرچي تي پلجي رھي آھي کي به ھٽايو وڃي ۽ گڏوگڏ سنڌي شاگرد تنظيمن جي دوستن کي گزارش آھي ته بدمعاشن جي رڪنيت ختم ڪئي پر ڇاڪجي بدمعاش ئي ڪافي تنظيمن جا اڳواڻ آھن.
[social-bio id=4]

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close