پير پاڳارو هڪ عظيم شخصيت هو ۽ پنهنجي دور جو مثالي ڪردار هو: قائم علي شاھ
خيرپور : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ پير ڳوٺ ۾ حُرن جي روحاني پيشوا پير شاهه مردان شاهه پير پاڳاري جي وفات تي سندس پُٽ نئين گادي نشين پير سيد صغبت الله شاهه راشدي سان سندس رهائشگاهه تي تعزيت ڪئي. وڏي وزير مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ فاتح پڙهي ۽ دُعا مغفرت گهُري بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پير پاڳارو هڪ عظيم شخصيت هو ۽ پنهنجي دور جو مثالي ڪردار هو. جڏهن ته سندس شخصيت حليم، پيار ۽ محبت ڪرڻ واري هئي ۽ ان ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي. سندس سياسي زندگي به پڻ مثالي هئي، سندس ملڪي ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏو ڪردار هو. هن چيو ته پير پاڳارو مُلڪ جي وڏن عُهدن جي خواهش نه ڪئي. ان کان اڳ ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه، وفاقي وزيرن ۽ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ، سماجي شخصيتون ۽ مُريدن ۽ عقيدتمندن جي وڏي انگ پير شاهه مردان شاهه جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.