وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ۾ آئين نه حڪمرانن جي نيت رڪاوٽ آهي:لياقت بلوچ
سکر (بيورورپورٽ) جماعت اسلامي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري لياقت بلوچ چيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ۾ آئين نه حڪمرانن جي نيت رڪاوٽ آهي اپوزيشن نيون چونڊون ڪرائڻ تي متفق آهي ڇو ته اٽو، لٽو ۽ اجهو جو نعرو هڻڻ وارن عوام جو جيئڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پيرپاڳاري جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته نيٽو سپلاءِ هاڻي ڪنهن به طور تي بحال نه ٿيڻ کپي، دهشتگردي خلاف نام نهاد جنگ ۾ اسان الاهي ڪجهه وڃائي چڪا آهيون ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون پر انهن جي بدلي ۾ ڪجهه نه مليو آهي، هن چيو ته اسان هاڻي جنرل پرويز مشرف جي پاليسين کان ٻاهر اچڻ گهرجي ۽ عوام جي مرضي مطابق پاليسيون ٺاهڻ کپن، هن چيو ته جماعت اسلامي گذريل 0 1 سالن کان گو آمريڪا گو تحريڪ هلائي رهي آهي، جنهن ۾ وقت سان گڏ تيزي ايندي رهي آهي ۽ ماڻهو هاڻي اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لڳا آهن.