سکر
مان پنجاب جي عوام پاران پير پاڳاري کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيو آهيان: شھباز شريف
سکر (بيورورپورٽ)پنجاب جي وزيراعليٰ ميان شهباز شريف چيو آهي ته وزير اعظم جي قومي اسيمبلي ۾ بيان وارو معاملو اهو ڄاڻي ۽ سپريم ڪورٽ اڄ نئين پير پاڳاري سان مسلم ليگ جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندو مان پنجاب جي عوام پاران پير پاڳاري کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيو آهيان ڇو ته هو محب وطن پاڪستاني هو هن هميشه پاڪستان لاءِ ڪم ڪيو پير صبغت الله شاهه راشدي سان تعزيعت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن و راڄ آهي هر طرف اوندهه نظر پئي اچي اهڙي صورتحال ۾ عوام کي سوچي سمجهي ملڪ جي بقا ۽ ڀلائي لا ءِ ڪوششون وٺڻيون پوندي اسان ملڪ جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪري رهياآهيون.