ٽنڊو ڄام

ماضي جي حڪومتن جا پيدا ڪيل بحران اسان حل پيا ڪريون، مشڪلاتن باوجود ملڪ کي ترقي ڏياري: وزيراعظم

GILANIٽنڊو ڄام (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ناڻي واري وزارت سميت لاڳاپيل وزارتن کي ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي توانائي جي پيداوار ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ضروري حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، ترقي جو سفر پڄاڻي تائين پهچائينداسين، حڪومت توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، عوام جي تعاون سان سڀني مسئلن تي ضابطو آڻينداسين، پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي، ٿرجي ڪوئلي مان توانائي جي پيداوار وڌائڻ جي منصوبي تي ڪم تيز ڪيو ويندو، ڪنر پساکي گئس فيلڊ مان 280 ايم ايم سي ايف ڊي گئس حاصل ٿيندي، جنهن علائقي مان گئس نڪرندي آهي گئس جي فراهمي ۾ ان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، ڪنر پساکي گئس پائيپ لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن وقت ملڪ توانائي جي بحران جي ور چڙهيل آهي ۽ ان ڏس ۾ عوامي حڪومت قدرتي گئس جي شعبي کي ترقي ڏيڻ پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ڇو ته ان اهم شعبي جي ترقي سان توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، عوام کي پاڻي، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضروري سهولتون مهيا ڪرڻ نه رڳو اسان جي ترجيح آهي پر هي اسان جي بنيادي ذميداري آهي، اسان ان سلسلي ۾ سڀئي ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان هي حقيقت عيان ٿئي ٿي ته عوامي حڪومت توانائي جي حوالي سان درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جي خوش قسمتي آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي هر طرح جي قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته انهن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن عوام ان جي فائدن مان خاطر خواه فائدو حاصل ڪري سگهي، هن چيو ته انشاءَ الله اسان الله تعاليٰ جي مدد ۽ عوام جي ڀرپور تعاون سان سڀني مسئلن تي ضابطو آڻي وٺنداسين ۽ عوام کي سڀئي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون سڀئي صلاحيتون استعمال آڻينداسين، اسان سڀني ڏکيائن جي باوجود ترقي جو سفر جاري رکنداسين ۽ ملڪ کي خوشحالي جي آخري منزل تائين پهچائينداسين، وزيراعظم چيو ته ٽنڊو ڄام جي علائقي ڪنر پساکي ۾ گئس اڄ کان 8 سال پهرين لڌي وئي هئي پر گذريل دورن ۾ مختلف سببن جي ڪري ان فيلڊ مان گئس ڪڍڻ ۾ دير ٿيندي رهي ۽ عوام ان قدرتي انعام کان محروم رهي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزير عاصم حسين جي ڪوششن سان هاڻي ان فيلڊ مان گئس جي فراهمي ممڪن ٿي آهي، توانائي جي موجوده بحران ۾ ان منصوبي جو مڪمل ٿيڻ هڪ نهايت خوش آئنده ڳالهه آهي، وزيراعظم چيو ته ان منصوبي سان اسان کي مجموعي طور تي 280 ايم ايم سي ايف ڊي گئس مهيا ٿيندي ۽ توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندي، ان منصوبي مان ڪافي مقدار ۾ ايل پي جي او ايل اين جي به پيدا ٿيندي جنهن سان توانائي جي مجموعي پيداوار ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيندو، هن چيو ته عوامي حڪومت توانائي جي ٻين ذريعن کي استعمال آڻڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي توانائي جي پيداوار ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ لاڳاپيل وزارت کي ضروري حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ته ٿرڪول جي منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان توانائي جي پيداوار ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيندو ۽ ملڪي معيشت کي هٿي ملندي، وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي ملڪ ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ته جيئن ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ سڀئي بنيادي ضرورتون عوام کي بنا فرق جي ميسر ٿين، عوامي حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن جي روشني ۾ عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ملڪ هن وقت توانائي جي بحران جي ور چڙهيل آهي ۽ عوامي حڪومت ان سلسلي ۾ سڀئي ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ان صورتحال ۾ سوئي سدرن گئس جي بلوچستان ۾ ايل پي جي پلانٽ نوشڪي ۽ سهراب نهايت اهم منصوبا آهن، ان کانسواءِ سنڌ ۾ به ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن جيڪي توانائي کي گهرج کي پورو ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين مددگار ٿيندا، وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهين علائقن ۾ گئس جي سهولت پهچي ته جيئن پوئتي پيل علائقن جا ماڻهو به ان سهولت مان فائدو کڻي سگهن، هن چيو ته پيٽروليم وارو وزير ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ اضافي ۽ گئس درآمد جي تجويز ڪيل منصوبن يعني "ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا گئس پائيپ لائين ۽ ايل اين جي جي درآمد جي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته سوئي سدرن جي انتظاميه ڊاڪٽر عاصم حسين جي سربراهي ۾ ان جذبي ۽ محنت سان سڀني ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪندي ته جيئن ملڪ کي توانائي جي لحاظ کان پاڻ ڀرو بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته جنهن علائقي مان گئس ڪڍي وڃي ان علائقي جي عوام کي گئس جي فراهمي ۾ پهرين ترجيح ڏني وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button