سکر
سينٽ جون چونڊون هر حال ۾ مارچ اندر ٿينديون:منظور وساڻ
سکر (بيورورپورٽ)سنڌ جي وزير داخلا منظور وساڻ چيو آهي آهي ته سينٽ جون چونڊون هر حال ۾ مارچ اندر ٿينديون جنهن لاءِ نامزدگي فارم جا ڪاغذ فيبروري ۾ جمع ڪرايا ويندا سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ادرن وچ ۾ ٽڪراءَ نه ٿا چاهيون ڇوته ادار مظبوط هوندا ته جمهوريت هلندي ڪراچي ۾ امن قائم آهي ٻه ڪروڙ آبادي ۾ ضرور جهيڙا جهٽا به ٿيندا هوندا جڏهن ته اغوا جي وارداتن ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ پوليس جون پگهارون به پنجاب پوليس جيتريون ٿين مون آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي ميڊيا آڏو ظاهر ڪن هن چيو ته اسان عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.