آرٽيڪل

سيد شاھھ مردان شاھھ پير پاڳاري جو وڇوڙو برصغير جو عظيم روحاني ۽ سياسي رھبر..!

مجيب ورند
Pagaraورھاڱي کان اڳ برصغير ۾ وطن جي آزادي ۽ انگريزن جي ڪاري قانون خلاف جيڪڏھن ڀرپور جدوجھد ھلائي عظيم قربانيون ڏنيون تھ اھو شخص سورھيھ بادشاھھ سيد صبغت الله شاھھ راشدي پڻ ھيو، ھو انگريز سرڪار خلاف ڪيتري عرصي تائين وڙھيو ۽ آخرڪار وڙھندي وڙھندي شھادت جي عظيم رتبي تي پھچي ويو، سورھيھ بادشاھھ عظيم سپھھ سالار ۽ برصغير جي لکين مريدن جو مرشد ھيو، جن مريدن کي ھند ۽ سنڌ ۾ حرن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سورھيھ بادشاھھ کي انگريزن گرفتاريءَ بعد شھيد ڪيو، پر ان باوجود حر تحريڪ ۾ ڪنھن بھ قسم جي گھٽتائي نھ آئي، ھن خاندان جو ٻيو وڏو تعارف اسلامي گاديءَ طور آھي، روضي ڌڻي جي گادي کي ھند ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڄاتو، سڃاتو وڃي ٿو، حضرت محمد راشد روضي ڌڻي سنڌ جو سورھيھ مرشد ھيو، جنھن ڄمڻ سان ئي ماءُ جي ٿڃ ۾ روضي جي عبادت شروع ڪئي ۽ روضي رکڻ جو وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ ان وقت تائين والدھ جي ٿڃ نھ وٺندو ھو، جيستائين افطاري جو وقت نھ ٿيندو ھو، محمد راشد روضي ڌڻي جي راشدي گادي سنڌ جي تمام گادين جو مرشد گھراڻو آھي، پير پاڳاري جي ھن عظيم گادي تان سنڌ جي تمام مرشدن ۽ درگاھن کي فيض مليو آھي، انھن درگاھن ۾ درگاھھ ڀرچونڊي شريف، درگاھھ سوئي شريف ۽ درگاھھ عاليھ امروٽ شريف شامل آھن، جڏھن تھ درگاھھ امروٽ شريف مان روحاني فيض درگاھھ ھاليجوي شريف ۽ ٻين گادين تائين پھتل آھي، روضي ڌڻي جي ان عظيم گادي جي پير پاڳاري ثاني شاھھ مردان شاھھ کي سورھيھ بادشاھھ جي شھادت کان پوءِ انگريز لنڊن کڻي ويا، جتي ھو ننڍپڻ کان وٺي گرفتاري ھيٺ رھيو ۽ تعليم پڻ حاصل ڪندو رھيو.
تعليم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ شاھھ مردان شاھھ پير پاڳاري کي انگريزن جي قيد مان آزادي ملي ۽ وطن واپسي موٽي آيو، وطن واپسي تي پير سائين پاڳاري جي دستار بندي ڪري کيس پاڳارھ خاندان ۽ روضي ڌڻي جو تاج پھرايو ويو، ھن خاندان جي عظيم قربانين کي سنڀاليندي پير سائين پاڳاري پنھنجي گادي ۽ برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل مريدن جي سار سنڀال جو سلسلو شروع ڪيو، درگاھھ عاليھ روضي ڌڻي تي ذڪر اذڪار سميت ديني تعليم جو سلسلو شروع ڪرڻ لاءِ جامعھ راشديھ جي نالي سان ديني مدرسو پڻ شروع ڪيو ويو، جتي اڄ ڏينھن تائين ديني تعليم جو سلسلو جاري آھي، پير سائين پاڳاري پيرڳوٺ شريف ۾ سورھيھ بادشاھھ لائبريري جو قيام عمل ۾ آندو، ھن لائبريري کي ممتاز حيثيت حاصل آھي، لائبريري اندر پاڳارھ خاندان جي تاريخ سميت قرآن پاڪ جا ناياب قلمي نسخا پڻ موجود آھن، جن کي ڏسڻ لاءِ ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو اچن ٿا، پير سائين پاڳاري لنڊن کان واپسي بعد ننڍپڻ ۾ ئي عظيم گاديءَ جون ذميواريون سنڀالڻ سان گڏوگڏ ملڪ اندر سياست جي پڻ شروعات ڪئي، مسلم ليگ فنڪشنل جي نالي سان پنھنجي پارٽي جو قيام عمل ۾ آندو، جنھن جا زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين سربراھھ پڻ رھيا، پير سائين پاڳاري جي محنت ۽ شفقت جي نتيجي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل حر جماعت تائين محدود نھ رھي، پر سنڌ سميت ملڪ جي چئني صوبن ۾ فنڪشنل ليگ جي اھميت پڻ وڌي وئي، ٿوري عرصي ۾ پير سائين پاڳاري جي سياسي شخصيت سڄي ملڪ لاءِ وڏو اھم مقام حاصل ڪري چڪي ھئي، ڪراچي ۾ قائم ڪنگري ھائوس کي پير صاحب پاڳاري جي ڪري اھا خوشنصيبي حاصل آھي، جو ان ھنڌ تي ملڪ جي تقدير جا فيصلا پڻ ٿيڻ لڳا، پير سائين پاڳاري جي عظيم شخصيت ۽ خاندان طرفان مليل ورھاست جي نتيجي ۾ کين ا لله تعاليٰ ان حد تائين عزت جو شرف بخشيو، جو کين ملڪ جا ناليوارا سياستدان ۽ وقت جا حڪمران چاھي انھن جو ڪھڙي بھ پارٽي سان تعلق ڇو نھ ھجي، اعليٰ حضرت کي پنھنجو رھبر سمجھندا ھئا، اھو ئي سبب آھي جو پير سائين پنھنجي سڄي زندگي سياسي حوالي سان ڪنھن جي بھ در تي نھ ويو ۽ آخري گھڙين تائين حڪمران توڙي مخالف ڌر جا وڏا سياستدان سندن در تي دان وٺڻ ايندا ھئا.
وڏي حيرت جوڳي ڳالھھ اھا آھي تھ پنھنجا توڙي پرايا ھجن، ڪنھن کي بھ ڪنگري ھائوس تان واپسي وقت مايوسي جو منھن نھ ڏسڻو پوندو ھيو، پير سائين پاڳاري جي عظيم شخصيت ملڪ لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجي چڪي ھئي، کيس جي ايڇ ڪيو جو اعزازي جرنل سمجھيو ويندو ھو ۽ پاڻ ان ڳالھھ جو اقرار ڪندي فرمائيندا ھئا تھ منھنجي پنھنجي حر فورس آھي، ان ڪري ملڪ جو اعزازي جرنل آھيان، پر پريڊ وارو جرنل نھ آھيان، اسٽيبلشمينٽ جي اھم اجلاسن ۾ جتي ملڪ جي تاريخ ۽ تقدير جا فيصلا ٿيندا ھئا، پير سائين پاڳاري جي موجودگي سبب ڪو بھ اھڙو فيصلو نھ ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ يا سنڌ ڌرتي کي ڪو نقصان پھچي، پير سائين پاڳارھ جتي ملڪ جا وڏا سياسي اڳواڻ ھئا، اتي سندن گادي جي ھڪ الڳ حيثيت ھئي، سڄي ملڪ کان وٺي جيسلمير ۽ ڀارت تائين سندن مريدن جو وڏو انگ موجود آھي، جيڪي ھر سال 27 رجب تي درگاھھ عاليھ پھچي پنھنجي مرشد جو ديدار ڪندا آھن، پير سائين پاڳارھ لکين مريدن جي موجودگي ۾ کين چنڊ جيان سورھيھ بادشاھھ جو تاج پھري ديدار ڪرائيندا ھئا ۽ ھر ڀيري پنھنجي مريدن کي اھا نصيحت ڪندا ھئا تھ نفرتن بدران محبتون پکيڙيو، پنھنجي نياڻين کي تعليم ڏياريو، پاڙي وارن جو خيال رکو ۽ ڪنھن سان بھ ناجائزي نھ ڪريو، ھي سڀ اھي نصيحتون آھن، جيڪي اسان مسلمانن جي آخري نبي ڪريم صلي الله عليه و آله وسم جي زندگي جو ھڪ درس آھن.
پير سائين پاڳارھ جن پنھنجي زندگي ۾ ٻھ شاديون ڪيون، جن مان کين 4 فرزند ۽ 4 نياڻين جي اولاد آھي، سندن فرزندن ۾ سيد صبغت ا لله شاھھ راجا سائين، سيد علي گوھر شاھھ، سيد صدر الدين شاھھ يونس سائين، سيد حزب ا لله شاھھ پڻ شامل ؛ھن، پير سائين پاڳارھ جن 22 نومبر 1928ع تي جنم ورتو، اھڙي ريت 22 نومبر2011ع تي سندن 83ھين سالگرھ عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي، جنھن کان پوءِڪجھھ ڏينھن اندر سندن طبيعت خراب ٿي پئي، جنھن سبب کين ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ زير علاج رکيو ويو، تقريبن 4 5 ڏينھن اسپتال ۾ رھڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن پاران کين ٻاھرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏني وئي، پر پير سائين ٻاھرين ملڪ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن بعد گھر ڀاتين جي اسرار ۽ عمرو ادا ڪرڻ جي خواھش تي علاج لاءِ راضپو ظاھر ڪيو، کين لنڊن جي ليڊي ولنگنٽن اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي 6 ڏينھن رھڻ کان پوءِ اڱاري جي شام اربع جي رات برصغير جي ھن عظيم روحاني ۽ سياسي شخصيت جو وڇوڙو ٿيو ۽ پير پاڳاري جن ڌم ڌڻي حوالي ڪيو، سندن مڙھھ لنڊن کان واپس آڻي اڄ پيرجوڳوٺ ۾ حضرت محمد راشد روضي ڌڻي جي پيراندي ۾ دفنايو ويندو. پير سائين پاڳاري جي وفات تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سوڳ واري لھر ڇانيل آھي، فنڪشنل ليگ طرفان 40 ڏينھن سنڌ سرڪار طرفان 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عقيدتمند درگاھھ شريف پھتل آھن، جتي ھر ماڻھو پنھنجي مرشد ۽ سورھيھ بادشاھھ جي عظيم وارث جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ بيچين نظر اچي رھيوآھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button