آرٽيڪل

سائين جي ايم سيد جي پيغام جي پڪار ڪڏهن گونجندي.

pic saingmsyed21pic gm sayed11توفيق سومرو
دنيا جي اندر ماڻهو پنهنجي ڪردار جي وسيلي نه صرف ڄاتو،سڃاتو ۽ ياد رکيو وڃي ٿو پر اهو ڪردار ئي آهي جنهن جي ڪري ٻيا ماڻهو ان کي رهندڙ دنيا تائين خراج تحسين پيش ڪن ٿا نه رڳو ايترو پر ان جي ڪردار تي پاڻ به عمل ڪرڻ جا مشورا ڏين ٿا سنڌ جي سچي عاشق سائين جي ايم سيد جو ڪردار به انهن ماڻهن مان هڪ آهي جنهن جي کري طبيعت۽ چٽي ڪردار تي ماڻهو روشني وجهڻ سان گڏ رهنمائي به حاصل ڪن ٿا اهو انڪري سيد کي ياد ڪيو وڃي ٿو جو سائين جي ايم سيد به پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين مستقل مزاجي سان سنڌ ڌرتيءَ لاءِ جدوجهد ڪئي ان جي جدوجهد يا ڪردار بابت ڪافي ڪجهه لکجي چڪو آهي،سندس کري طبيعت ۽ پنهنجي غلطين جي اعتراف ان جي ڪردار کي اڃان به واضع ڪري ڇڏيو آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس سخت ترين مخالف به دنگ رهجي سندس مثال ڏيڻ تي مجبور ٿيندا آهن
ملڪ ۽ سنڌ اندر موجودهه وقت ۾ٿيندڙ سياست جي نالي ۾ ڪوڙ،فريب،ڌوڪي بازي،گروهي مفاد حاصل ڪرڻ ۽ نفرتون وڌائڻ ئي نه پر اڄ ڪلهه ته سياست جي آڙ ۾ ڀتاخوري۽ ٽارگيٽ ڪلر جهڙا عنصر به جام نظر اچن ٿا،تيزي سان ٺهندڙ سياسي پارٽين ۽ گروپن جي ڪارڪنن ۾ هر طرف تبديلي جي ذڪر جو راڳ ٻڌجي پيو پر ڪو پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي،سائين جي ايم سيد جي جدوجهد ئي روايتي ڍونگن کي تبديل ڪرڻ جي پرچار ڪئي ۽ هن سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل سنڌ جي اڳوڻي حيثيت جي بحالي يعني سنڌ جي آزادي کي سمجهيو، بدقسمتي ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وفاق پرست پارٽين سان گڏ سنڌ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو نالو استعمال ڪندڙن جو ڪردار به نهايت بدبودار ٿي پيو آهي جيڪي صرف ڳالهيون ته سچيون ۽ لاجواب ڪندا آهن پر عمل ان جي ابتڙ، ۽ سندن ڪردار وري بلڪل مختلف هوندو آهي،وڌيڪ شرم جي ڳالهه وري اها به آهي جو سائين جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان کي پنهنجو رهبر مڃيندڙ اڪثر ڌريون سندس نالو ۽ جهنڊو استعمال ڪري هر اهو ڪڌو عمل ڪن پيون جنهن سان سنڌ جي ڪا ڀلائي نه پر رڳو اهي پنهنجا گروهي ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪري سنڌ ۾ قوم پرستي جي نالي ان جي معنيٰ ۽ مفهوم کي انتهائي خراب صورت ۾ دنيا جي آڏو آڻي رهيون آهن
سائين جي ايم سيد پنهنجي حياتي توڙي پنهنجي لکڻين ۾ انقلابي ۽ سچائي واري ڪردار ادا ڪرڻ جو درس ڏيڻ کانسواءِ ان عظيم هستي نبي ڪريم صه جنهن جي ڪري الله پاڪ هيءَ سموري ڪائنات وجود ۾ آندي ان جي سيرت ۽ سندس پاران اخلاق بهتر ڪرڻ وارا جملا ۽ مثال ڪيترائي ڀيرا ڏنا ،اڄ 7 1 جنوري2 1 0 2 تي به هر سال وانگر سخت ٿڌ جي موسم باوجود هزارين سيد جا پوئلڳ ۽ چاهيندڙ سن شهر ۾ سندس آخري آرمگاهه تي پهچي پنهجي وچن ۽ وفا جا عزم ورجائڻ لاءِ پهچندا ۽ ڪجهه رڳو ٺلها اعلان به ڪندا جن اڳ وارن اعلانن ۽ عزم ورجائڻ باجود اهو ڪردار اڄ تائين ادا ناهي ڪيو جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ سيد جهڙي ڪردار ادا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ بلڪل ان جي جدجهد جي ابتڙ آهي،ان مان مراد اها ناهي ته سيد جهڙي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ۽ سنڌ جي آزدي واري جدجهد ڪرڻ وارا ماڻهو موجود ئي ناهن پر انهن جي تعداد گهٽ ضرور آهي، جيڪي سيد جي زندگي،جدوجهد ۽ سندس مشن جي پرچار ايمانداري سان ڪن ٿا انهن کي ماضي ۾ ڪتابي ۽ بزدل ٿيڻ جا لقب مليا هوندا، هن وقت جيئي سنڌ جي ڪنهن هڪ گروپ نه پر سڀني ڌڙن تي نظر وجهبي ته اڪثر انهن جا اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ريس ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نظر اچن پيا عملي طور تي ڏٺو ويو آهي ته 7 1 جنوري سائين جو جنم ڏينهن هجي يا ورسي وارو ڏينهن5 2 اپريل سن شهر ۾ هر گروپ پاران ڌار ڌار جلسا منعقد ڪري هڪ ٻئي کي پنهنجي ماڻهن جو وڏو تعداد ڏيکارڻ جي ڪوشش هوندي آهي اهڙي عمل کي مشن قرار ڏيڻ بدران جيڪڏهن سائين جي پيغام کي عام ماڻهن تائين به پهچائڻ واري جستجو هجي ته ڪيڏو نه بهتر عمل ٿئي، ان صورتحال ۾ سائين جي ايم سيد جي خاندان پاران ان جي پوئلڳن کي منظم ڪرڻ ۽ مشن کي توڙ تائين پهچائڻ خاطر ڪو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ بدران انهن سنڌ کي خوشحال بنائڻ واري نعري هيٺ سيد جي ٻنهي ڏهاڙن تي پنهنجو جدا پروگرام ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو آهي جيڪو گهڻي ڀاگّي اقتدار جي حاصلات طرف وڌڻ جي جستجو لڳندي آهي،
خدا ڪري سيد جهڙي ڪردار ادا ڪندڙن جي جدوجهد ڪاميابي ماڻي باقي ڀتاخور۽ قبضا مافيا مان سٺي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر ڳالهه ٿيندي جن جيئي سنڌ جي ڪهاڙي واري جهنڊي ۽ سائين جي ايم سيد جهڙي عظيم شخصيت کي استعمال ڪري سنڌ جي ماڻهن مان سنڌ جي آزادي ،خودمختياري ،خوشحالي ۽ ترقي واري امنگ کي ئي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ سنڌ دوستن کي ڪامريڊ چورائڻ کان پاسيرو ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، تمام تر صورتحال باوجود مايوسي ڪفر آهي سيد جي خواهش ۽ خواب موجب نيڪ ۽ صالح ماڻهو ان جي خواب کي هڪ ڏينهن ساڀيا ضرور ڏيندا.
اي ميل [email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button