سکر

ابڙو برادري جي چيف سردار همٿ علي ڪماريو پير صاحب پاڳري جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

سکر (بيورورپورٽ)ابڙو برادري جي چيف سردار همٿ علي ڪماريو پير صاحب پاڳري جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هڪ تعزيتي بيان ۾ همت ڪري ڪماريو چيو ته ملڪ جي جمهوريت جي فروغ آمريت جي خلاف پير سائين پاڳاري جي ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ پاڪستان جي لاءِ پير صاحب جون قربانيون فراموش نٿيون ڪري سگهجن، پير صاحب نهايت بردبار، پرعظم بهادر سان گڏوگڏ شفيق انسان هو. انهن پير سائين جي گهرن وارن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ سان گڏ چيو ته مون سان گڏ ابڙا برادري جا فرد هن غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. سردار همت علي ڪماريو وٽ جيڪي ابڙا برادري۽ ٻين برادرين جا فيصلا رکيل هئا اهي ختم ڪري پيرڳوٺ روانا ٿي ويا ۽ آخر ۾ چيو ته ا لله تعاليٰ گهر وارن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button