سکر

25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ دهشتگردي جا خدشا موجود آهن: آءِ جي سنڌ پوليس

PTI Karachiسکر (رپورٽ ؛ عمر سومرو) انسپيڪٽر جنرل آف سنڌ پوليس (آءِ جي سنڌ پوليس) سيد مشتاق شاهه چيو آهي ته 25 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ دهشتگردي جا خدشا موجود آهن ان لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ پوليس جي ڪارڪردگي مطمئن آهيان، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ تي ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته 27 ڊسمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا، ان سلسلي ۾ پوليس جا 6 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن جون ڊيوٽيون لڳايون وينديون، هن چيو ته سنڌ ۾ پوليس جي موجوده ڪارڪردگي تسلي بخش آهي ان جي بهتري جي ڪري اغوا جي وارداتن تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انڊس هاءِ وي سميت نيشنل هاءِ وي تي ٿيندڙ ورادتن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته ڪاچي ۾ معاشرتي برايون ۽ جرائم جي خاتمي لاءِ پوليس بي وس نه آهي، ان کان جيڪو ٿي سگهيو آهي اها ڪري رهي آهي، هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي پگهارن ۾ اضافي جي حوالي سان سمري حڪومت وٽ موجودآهي، جنهن جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار به حڪومت وٽ آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button