ھنڱورجا

سيٺارجا ۾ ويگن جو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 12 مسافر سڙي فوت

عبدالرحيم سولنگي

ھنڱورجا کان ٺري ميرواھ ويندڙ ويگن جو روھڙي بيراج وٽ گئس سلينڊر ڦاٽڻ 12 مسافر سڙي فوت. تفصيلي خبر موجب ويگن ۾ 25 ماڻھو سوار ھئا. گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو. زخمين کي ھنڱورجا ۽ سيٺارجا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. وزير اعليٰ ءِ ڊي سي او واقعي جو نوٽيس ڇڏيو. اڪثر فوت ٿيلن جو تعلق سيٺارجا جي بيگو محلي سان آھي ۽ اڪثر فوتي اسلام ڪاٽن فيڪٽري ۾ مزدور ھئا.
ٺري ميرواھ مان جمشيد شر موجب اھا ويگن مزدورن لاء بڪ ھئي ۽ روز مزدور کڻندي ۽ ڇڏي ويندي ھئي، جمشيد وڌيڪ ٻڌايو ته زخمين جي حالت تمام نازڪ آھي ۽ فوتين جالاش تمام سڙي چڪا ھئا.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو