آرٽيڪل

پاڪستان ۾ اليڪشن جي عمل کي شفاف بڻائڻ ۾ حلقه تعلقاتي گروپ جو ڪردار

تحرير : ارشاد جوڻيجو/ خيرپور ميرس
Election Commission of Pakistanفري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ پاڪستان ۾ ٽرسٽ فار ڊيموڪريٽڪ ايجوڪيشن اينڊ اڪائونٽيبلٽي جي تحت ڪم ڪندڙ سول سوسائٽي جي تنظيمن جو هڪ نيٽورڪ آهي جيڪو 42 ميمبر تنظيمن سان گڏ ملڪ ۾ هرقسم جي جمهوري احتساب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ 2008 جي عام چونڊن کان پوءِ هر پهلو جي جامع مشاهدي سان ڪم ڪندڙ هن اتحاد آگسٽ 2009 کان پاڪستان جي 96 ضلعن جي قومي اسيمبلي جي 150 حلقن ۾ ڊيموڪريٽڪ گورننس پروگرام تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو. سال 2010ع ۾ آيل مهاٻوڏ کانپوءِ ڪجهه وقت هي عمل رڪجي ويو ڇوته سڄي دنيا جون نظرون ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي کتل هيون تنهن ڪري ڊونر ايجنسين به پنهنجا رخ تبديل ڪري ڇڏيا هئا. بعد ۾ ان ساڳئي پروگرام کي سپورٽنگ ٽرانسپيرنسي، اڪائونٽيبلٽي ۽ اليڪٽورل پراسيس اِن پاڪستان ۾ تبديل ڪري پاڪستان جي سمورن ضلعن ۽ قومي اسيمبلي جي 200 جگرافيائي حلقن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن پروگرام جو مقصد سڄي ملڪ ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل عوامي قدمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ عظيم تر شفافيت، احتساب، سرڪاري ادارن ۽ چونڊيل نمائندن کي عوام آڏو جوابده بڻائڻ جهڙن سماجي مطالبن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. فافين پاران آگسٽ 2009ع ۾ ڊيموڪريٽڪ گورننس پروگرام جي نالي سان شروع ڪيل پروگرام کي سال 2011ع ۾ اسٽيپ جي نالي طور تبديل ڪيو ويو آهي. اسٽيپ پروگرام جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ گورننس کي مستحڪم ڪرڻ ۽ انکي موثر، شفاف ۽ جوابده بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ آهي. هي ٽي سالا پروگرام پاڪستان جي سمورن ضلعن ۽ فاٽا جي سمورين ايجنسين ۾ هڪ ئي وقت هلايو پيو وڃي. هن پروگرام تحت فافين جون ميمبر تنظيمون قومي اسيمبلي جي 200 حلقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ عوام کي پنهنجي حقن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوام آڏو جوابده بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. فافين جي پروگرام ٽرسٽ فار ڊيموڪريٽڪ ايجوڪيشن اينڊ اڪائونٽيبلٽي جي تحت هر عمر، رنگ، نسل، عقيدي ۽ مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ سندن جمهوري حقن ۽ ذميدارين جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ۽ جمهوري طرز حڪومت جي سموري سرگرمين ۾ انهن جي شموليت جي اهميت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، عوام ۽ سول سوسائٽي جي گروپن کي جمهوري احتساب جي مختلف صورتن ۾ اليڪشن، اسيمبلي ميمبرن، حڪومت جي نگراني ۽ بورڊ آف ٽرسٽيز جي فيصلي مطابق ٻين سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ، ريسرچ ۽ عوامي مسئلن بابت پرنٽ ۽ آن لائين پبليڪيشن جو اهتمام ڪرڻ شامل آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي سرگرمين ۽ حقن بابت آگاهه ڪري سگهجي ۽ انهن جي جمهوري تربيت ڪري سگهجي.
فافين پاران قومي اسمبلي جي سمورن حلقن ۾ سول سوسائٽي تي مشتمل هڪ اهڙو بامقصد گروپ قائم ڪيو ويو آهي جنهن کي حلقه رابطه ڪاري گروپ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن گروپ ۾ معاشري جي غير سياسي، سماجي، علمي، ادبي، توڙي شاگردن کي شموليت ڏني وئي آهي ته جيئن اهي وڌ کان وڌ پنهنجي پنهنجي حلقن ۾ عوم جي خدمت لاءِ ڪوششون ڪري سگهن ۽ چونڊيل نمائندن کي عوام آڏو جوابده بڻائي سگهن. حلقه رابطه ڪاري گروپ چونڊيل نمائندن کي حلقه جي عوام جي اجتماعي مسئلن کان آگاهه ڪندو ۽ انهن جي طرفان ڪيل ڪاروائين ۽ کنيل قدمن تي نظر رکندو، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته سي آر جي گروپ حلقه جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. ان کان علاوه سي آر جي ضلع سطح تي گورننس جي مسئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون پڻ ڪندا آهن. پاڪستان ۾ ڊيموڪريٽڪ گورننس ۽ عوام جي ان ۾ شموليت موجوده صورتحال جي پيش نظر بنيادي طور تي سي آر جي جي تشڪيل ٻن ضرورتن کي پورو ڪندي.
1. ڪنهن به حلقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن تي مشتمل هي گروپ هڪ طرف عوام ۽ چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ فاصلا گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.
2. هي گروپ ماڻهن کي چونڊيل نمائندن جي فرضن بابت آگاهي فراهم ڪندو ۽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي تربيت ڏيندو ته چونڊيل نمائندن کي فرائضن جي تڪميل جي حوالي سان ڪهڙي طرح عوام جي سامهون جوابده بڻائي سگهجي ٿو.
هي گروپ انهن ڳالهين تي به نظر رکندو ته ڇا چونڊيل نمائنده پنهنجا صوابديدي فنڊ حلقي جي ضرورتن مطابق خرچ ڪري رهيا آهن يا انهنجو استعمال سياسي بنيادن تي ٿي رهيو آهي؟
ڇا چونڊيل نمائندا پنهنجي حلقي جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاري رهيا آهن؟
ڇا چونڊيل نمائندا اليڪشن ۾ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهن؟
ڇا توهان جا ٻار اسڪول ۾ معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن؟
ڇا توهان جي ٻارن کي اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي، واش رومز ۽ صاف سٿرا ڪلاس رومن سميت ٻيون بنياد سهولتون ميسر ٿيل آهن؟
ڇا توهانجي چوڌاري بنيادي صحت مرڪز موجود آهن ۽ انهن ۾ گهربل اسٽاف ۽ سهولتون ميسر آهن؟
ڇا توهانکي عام استعمال جون شيون حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن تي ملي رهيون آهن؟
ڇا حڪومتي ادارا توهانجي شڪايتن جو فوري طور تي ازالو ڪري رهيا آهن؟
ڇا توهانکي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ حڪومتي اهلڪارن کي رشوت ڏيڻي پوي ٿي؟
ڇا پوليس توهانجي شڪايتن تي ايف آءِ آر داخل ڪري ٿي؟
سميت ٻيا ڪيترائي اهڙا مسئلا آهن جيڪي اسانجي روز مره جي زندگي کي مشڪل بڻائي رهيا آهن، پر اهي چونڊيل نمائندن جي توجهه جا طلبگار آهن. حلقه رابطه ڪاري گروپ انهن سمورن مسئلن جي حل لاءِ ڪرنگهي جي هڏي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڇوته اهي نه صرف هن ملڪ جا شهري آهن پر اهي سڌي يا اڻ سڌي طرح ٽيڪس به ادا ڪري رهيا آهن. تنهن ڪري اها سمورن ماڻهن جي ذميداري آهي ته پنهنجي چونڊيل نمائندن ۽ حڪومتي ادارن جو احتساب ڪن ۽ انهن تي هڪ منظم طريقي سان دٻاءُ وجهن ته جيئن هو پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري سگهن.
فافين پاران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 215 ۾ مقرر ڪيل ڪوآرڊينيٽر طاهر سومرو ۽ اسسٽنٽ ڪوآرڊينيٽر ميڊم امتيازچنه پنهنجي حلقي جي عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ لاءِ يوسي سطح تائين پنهنجا سي آر جي گروپ (حلقه رابطه ڪاري گروپ) جا نمائنده مقرر ڪيا آهن جن ۾ ارشادجوڻيجو، حزب الله سومرو، علي عنصرسنڌو، رانا عبدالخالق، نصرالله، مس رابيل چنه، ميڊم پروين، عديل نوازمهر، اميدعلي سميت ويهن کان وڌيڪ نمائنده مقرر ڪيا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي يونين ڪائونسلن ۾ وڃي عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي حل لاءِ فافين جي نمائندن سان ملي ڪري چونڊيل نمائندن ۽ حڪومتي ادارن تائين مسئلا پهچائي رهيا آهن. هن سلسلي ۾ فافين خيرپور پاران ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي واراو مسئلو سامهون آڻڻ تي گڏيل طور تي يا راءِ سامهون آندي وئي آهي ته سمورا ميمبر مهانگائي واري مسئلي تي سرڪاري ادارن جي آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن سان ملي وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندا. ان سلسلي ۾ فافين اين اي 215 جو هڪ اجلاس ڪوآرڊينيٽر طاهر سومرو ۽ ميڊم امتيازچنه جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ متفقه طور تي وڌندڙ مهانگائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال بڻائڻ لاءِ مستقل بنيادن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ عوامي آگاهي مهم جلد شروع ڪرڻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ سان ملي ڪري شهر اندر واپارين ۽ دڪاندارن پاران عام استعمال شين جي من پسند اگهه وٺندڙن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سميت ٻين عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. ان سلسلي ۾ طاهر سومرو ۽ امتيازچنه چيو ته وڌندڙ مهانگائي سفيد هاٿي وارو روپ اختيار ڪري ورتو آهي جنهن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح غريب، مسڪين ۽ ڏتڙيل طبقي تي اثر پئجي رهيو آهي. حڪومت پاران مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڪابه پاليسي واضح نه هئڻ جي ڪري واپاري ۽ دڪاندار عام واهپي جي شين جا مرضي موجب اگهه وٺي غريب مسڪين ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن پر کانئن ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي. ان کان علاوه صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽ، سميت ٻين سمورين مسئلن جي حل لاءِ عوام کي باشعور بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام ۾ چونڊيل نمائندن جو احتساب ڪرڻ جي سگهه پيدا ٿئي ۽ اهي ماڻهو پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري عوامي خدمت ڪندڙ نمائنده چونڊي سگهن. هنن چيو ته عورتن جو ريشو مردن کان وڌيڪ هئڻ جي باوجود هنن ۾ لٽريسي ريٽ گهٽ آهي تنهن ڪري اهي پنهنجي قيمتي ووٽ جو صحيح استعمال نه ٿيون ڪري سگهن ۽ انهن کي اظهار جي آزادي جو به پورو حق نه ٿو ڏنو وڃي. جنهن ڪري اهڙا اميدوار چونڊجي اسيمبلين جي ايوانن تائين پهچن ٿا جيڪي سڄو سال عوامي مسئلن تي ڳالهائڻ بدران ننڊون ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ پنهنجي صوابديدي فنڊن جو به غير منصفاڻي طريقي سان استعمال ڪري رهيا آهن. جيستائين اهڙن اسيمبلي ميمبرن جي رستا روڪ نه ڪئي ويندي تيستائين عوامي مسئلا حل نه ٿي سگهندا. انهن سمورن مسئلن جو حل صرف عوام کي باشعور بڻائڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button