سکر

پاڪستان مسلم ليگ ن سان منهنجو تعلق ڪو ئي به ختم نٿو ڪري سگهي: سيد غوث علي شاهه

Ghous Ali Shahسکر (بيورورپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن سان منهنجو تعلق ڪو ئي به ختم نٿو ڪري سگهي، مسلم ليگ ن پاران هميشه پاڪستان جي ترقي ۽ ان جي عوام جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ ن جي ڊويزنل ڪو آرڊينٽر سيد نواز علي شاهه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، ڪوآرڊينيٽر مطابق پاڪستان مسلم ليگ ن هميشه اقتدار جي نه عوام جي جنگ وڙهي آهي ۽ مسلم ليگ ن مان ڪنهن جي وڃڻ سان ڪو عوامي خدمتن جو سلسلو بند نه ٿيندو، مسلم ليگ ن جي نظرياتي عهديدار ۽ ڪارڪن پاڪستان مسلم ليگ ن جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيندا، مسلم ليگ ن جي نظرياتي ڪارڪنن ۽ عهديدارن قائد ميان نواز شريف ۽ ان جي عوامي خدمت جي مشن تي عمل پيرا آهن، جنهن جو ثبوت هو سنڌ جي دورن ۾ ڪري چڪو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ چونڊن ۾ سڄي ملڪ مان پاڪستان مسلم ليگ ن ڪاميابي حاصل ڪري ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button