سکر

ٽوڙي بند وفاقي وزير ٽوڙايو: پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو

Toari Bandسکر (بيورورپورٽ) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي صدر سردار تاج محمد ڊومڪي، فوزيه ارشد، اسلم نارو، اصغر چوهاڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته سکر سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير جيڪو اڳ ۾ ميٽر ريڊر هو ان پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي ۽ ان پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ٽوڙي بند کي ٽوڙايو جيڪو ڪشمور کان وٺي ڪي ٽي بندر تائين سنڌ جي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ماڻهو اڃان تائين ڪيمپن ۾ ويٺل آهن ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون نه ملي رهيون آهن، اهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ کاڌي پيتي جي شين بدران انهن کي لٺيون ۽ گوليون ڏنيون ويون، هنن چيو ته هن ملڪ ۾ نوڪريون صرف ايم اين اي، ايم پي اي جي پٽن ۽ مائٽن کي ملي رهيون آهن، نوجوان نوڪرين لاءِ دربدر آهن، تازو سنڌ ۾ طوفاني برساتن سبب نالا ابتا وهڻ ڪري هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جيڪي سردي جي موسم ۾ به روڊن تي پيا آهن، حڪومت پاران اعلان ته وڏا ڪيا ويا آهن مگر انهن مان هڪ تي به عمل نه ٿيو آهي، پاڪستان ڪارڊ جي نالي تي ماڻهن کي گوليون وسايون وڃن پيون، اهڙن خيالن جو اظهار هنن ريلوي گرائونڊ سکر ۾ هڪ جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي روزگار نه ملي رهيو آهي ۽ موجوده حڪمران نوڪريون وڪرو ڪري رهيا آهن، پوليس ۽ ماستري جا 4 ، 4 لک روپيا وٺي رهيا آهن، نوجوان ٽيسٽون ڏئي ڪري تنگ ٿي چڪا آهن، هنن چيو ته حڪمرانن اسان جي ڌرتي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ موجوده حڪمران ڊالرن جي لالچ ۾ اچي ويا آهن آمريڪا اسان مٿان ڊرون حملا ڪري اسان جا ماڻهو ماري رهيو آهي، هاڻي ته فوجي جوان به شهيد ٿي رهيا آهن، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پهريان ئي آمريڪين کي سڃاڻي چڪو هو، هن آمريڪين کي ملڪ اندر نه اچڻ ڏنو جنهن تي آمريڪا ناراض ٿي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرائي ڇڏيو، هنن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، بلوچستان اسان جي هٿن مان وڃي رهيو آهي، بلوچ سردار انهن چورن حڪمرانن سان ڳالهيون نه ڪندا ۽ هاڻي به ملڪ کي بچائي سگهجي ٿو. هنن چيو ته ملڪ معاشي طور تي ٿائيلينڊ کان به هيٺ وڃي رهيو آهي. ملڪ اندر اربين ڊالر آيا اهي ڪيڏانهن ويا ڪيا خبر نه آهي، آصف زرداري ملڪ اندر پئسا خرچ ڪرڻ بدران ٻاهر منتقل ڪري رهيو آهي، زرداري ڪرپشن جي جڙ آهي، هنن چيو ته ملڪ جا قومي ادارا ريلوي، اسٽيل مل، پي آئي اي تباهه ٿي چڪا آهن، ميمو مسئلي بعد اسان هاڻي محفوظ نه رهيا آهيون ۽ حڪمرانن ۾ ايتري جرئت نه آهي جو انهن سان وڙهي سگهن، هنن چيو ته پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو اها پارٽي آهي جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو پنهنجي خون سان ٺاهي آهي. هنن جيڪب آباد کان سکر ايندڙ ٻن ڊاڪٽرن سيد اظهر علي شاهه ۽ امتياز وڳڻ جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button