ٺري ميرواھ تعلقي ۾ علاج جي سهولتن جي کوٽ.
ٺري ميرواھ (جمشيد احمد شر)
دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ صحت ۽ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ انهن ملڪن ۾ بجيٽ جو ڳج حصو صحت ۽ تعليم تي خرچ ڪيو وڃي پر ان جي ابتڙ اسان جي ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم تي بجيٽ ته رکي وڃي ٿئي پر اها رقم ڪامورن جي ڪريپشن چونديل نمائيندن جي بي ڌياني ۽ ڪن لاٽار سبب صحيح نموني سان خرچ نه ٿي ٿئي جنهن سبب غريب، مسڪين ماڻهو علاج جي سهولتن لاءَ سخت پريشان هجن ٿا. اهڙي طرح ضلعي خيرپور جي ٺري ميرواھ تعلقي جي هيڊ ڪواٽرواري شهر ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ قائم اسپتال کي 60 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود تعلقه اسپتال جو درجو ناهي ملي سگھيو ۽ نه وري 1963 ۾ ٺهيل اسپتال جي عمارت جي ڪا نئين سر تعمير ٿي سگھي آهي ۽ تازو آيل برساتن سبب رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ ڪيترو عرصو گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگيو آهي. توڙي جو برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءَ لکين روپين جا جعلي بل ٺاهيا ويا آهن ۽ اها رقم ضلعي، تعلقي ۽ صوبائي حڪومت کان الڳ الڳ فنڊ وٺي ڪاغذن ۾ڏيکاري هڙپ ڪيا ويا آهن، پر عملي طور ڪا خاص نتيجو حا صل نه ٿي سگھيو آهي، ۽ وڏي پيماني تي پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب اسپتال تباھ ٿي وئي آهي ۽ رهائشي ڪواٽر پڻ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. صحت کاتي، صوبائي حڪومت ۽ چونديل نمائيندن جي ڪن لاٽار ۽ بي ڌياني سبب ٺري ميرواھ تعلقه جو غريب ابوجھ بي پهچ عوام علاج لاءَ سخت پريشان آهي ضلعي خيرپور جي وڏي آبادي رکڻندڙ تعلقه ٺري ميرواھ ۾ هميشه ٻاهرن ماڻهون چونڊجڻ جي ڪري ٺري ميرواھ تعلقي جي مسئلن طرف ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي ۽ چونڊيل نمائيندا ووٽ وٺڻ بعد غائب ٿي وڃن ٿا. رورل هيٿ سينٽر ٺري ميرواھ ۾ روزانا 3 سو کان وڌيڪ مريض چکاسيو وڃي.
رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ جي پراڻي ٺهيل عمارت برسات کان پوءِ تباھ ٿي وئي آهي ۽ کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، رورل هيلٿ سينٽر ۾ اکين جي علاج جو شعبو ڊينٽل جو شعبو الٽراسائونڊ جو شعبو هجڻ باوجود ڊاڪٽر جي کوٽ سبب ڪو لاپ ڏئي نه سگھيو آهي، جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ ۾ ضلعي طرفان ڏينون ويندڙ دوائون پڻ گھٽ مقدار ۾ ڏنيون وڃن ٿيون. جنهن سبب وڏي آبادي رکندڙتعلقي جو عوام سخت پريشان ٿئي ٿو علاج واسطي ڏورانهن علائقن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو.
ٺري ميرواھ تعلقي سان نوابشاھ ۽ سانگھڙ توڙي سکر جا روڊ ڳنڊجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل رهن ٿا ۽ انهن حادثن ۾ ايندڙ زخمين کي نوابشاھ سکر لاڙڪاڻه جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو. جيڪي اڪثر اسپتالن ڏانهن ويندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وڃي ٿا.
ٺري ميرواھ تعلقو جيڪو صحت سميت ٻين سهولتن کان وانجهيل هجڻ ڪري اتان جو عوام پاڻ کي ننڌڻڪو محسوس ڪري ٿو ۽ نئين قيادت جي ڳولا ۾ آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ پ پ پ سان واسطو رکندڙ نوجوان باصلاحيت قيادت پ پ پ جو صوبائي اڳواڻ نثار احمد شر پنهنجو سياسي سرگرميون تيز ڪندي پهرين مرحلي ۾ برسات متاثرين جي وڏي پئماني تي امداد ڏني اهڙي ڏکي وقت ۾ جڏهن هتان جا چونڊيل نمائندا غائب هئا، ان وقت متاثرين جي مدد ڪرڻ لاءَ سندس سياسي شهرت ۾ اضافو ٿيو آهي هن ٺري ميرواھ تعلقي جي مسئلن جي حل لاءَ عوام سان گڏ جي هر پليٽ فارم تي جاکوڙڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي. ۽ تعلقي ميرواھ جا مسئلا حل نه ٿيڻ جو ذميوار چونڊيل نمائندن کي قرار ڏنو آهي. هن 10 هزار غريب برسات متاثرين خاندانن ۾ پنهجي گهران امداد ورهائي هو غريبن جي مدد کرڻ کي عبادت سمجهي ٿو آءُ هک غريب همدرد قيادت شهيد راڻي جو پوءِ لڳ آهيان ان جي ڏسيل راه تي هلندي هميشه غريبن جي مدد کندو رهندس.
ٺري ميرواھ تعلقي جي هيِڊ ڪواٽر واري شهر ٺري ميرواھ ۾ پاکستان جي قيام کان هلندڙ رورل هليٿ سينٽر کي اڌو صدي کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود تعلقو اسپتال جو درجو نه ملڻ مان واضع آهي ته هتان جي عوام جي ووٽ تي اقتدار تائين پهچندڙ کان ڪاغذي ڪم به ناهي پهتو ۽ اهي بنيادي سهولتون ناهن ڏياري سگھيا، ۽ هر اليڪشن ۾ ڪوڙن دلاسن ۽ کوکلن نعرن تي ووٽ وٺي عوام کي بيوقوف بنائيندا رهيا آهن. ٺري ميرواھ تعلقي جي آبادي ساڍا 5 لک کان وڌيڪ هجڻ باوجودتعلقه اسپتال نه هجڻ حڪمرانن لاءِ سواليه نشاني بڻيل آهي. پ پ پ حڪومت جي دئور ۾ ڳج حصو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ فرزند صحت کاتي ضلعي خيرپور جو اي ڊي او رهڻ توڙي سانئڻ نفيسه شاھ پڻ هن هميشه اعلان ته ڪندي رهي آهي پر ٺري ميرواھ کي تعلقه اسپتال جو درجو ناهي ملي سگھيو. هاڻي ضروري ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جيلاني صوبائي وزير صحت، تڪ مان چونڊيل ايم اين اي پير سيد صدرالدين شاھ راشيدي، پ پ پ ايم پي اي پير احمد رضا شاھ جيلاني. اوقاف کاتي جي وزير ڊاڪٽر محمد رفيق ٻاڀنڻ ۽ ٻين وس وارن کي گھر جي ته هن طرف ڌيان ڏئي ٺري ميرواھ جي رورل هيلٿ سينٽر کي اپ گريڊ ڪري تعلقه اسپتال جو درجو ڏئي بنيادي سهولتون ڏياريون وڃن،برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ اپا ورتا وڃن.