ڪراچي

هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪڇي پاڙوڊالميا بازارکي انتظاميه طرفان بلڊرز مافيا سان ملي ڪري ڊاهڻ توهين عدالت آهي.اسدالله ڀٽو

Asad Bhutto 021ڪراچي : جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽوچيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪراچيءَ جي قديم وسندي ڪڇي پاڙوڊالميا بازار يوسي 7 گلشن اقبال جي رهواسين جا گهر ڊاهڻ توهين عدالت آهي.بلڊرز مافيا سان انتظاميه ملي ڪري پاڪستان جي قيام کان اڳ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي گهرن کان محروم ڪري سندن ٻارن ٻچن کي بي گهر ڪري رهي آهي.هن هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان واقعي جو فورن نوٽيس وٺي هن سردي جي موسم ۾ غريب ماروئڙن کي پنهنجي گهرن کان محروم ڪرڻ کان بچائي.اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته غريبن جي نالي تي اقتدار ۾ اچڻ وارا حڪمران بلڊرز مافيا سان ملي ڪري ڪراچي جي قديم وسندي ڪڇي پاڙوڊالميا بازار کي ڊاهڻ تي لهي آيا آهن جيڪو عمل قابل مذمت آهي.
هوڏانهن صوبائي امير جماعت اسلامي جي مقامي اڳواڻن يونس بارائي،سيد قطب احمد،مجاهد چنا سان گڏجي متاثره علائقي جو دورو ڪيو.ان موقعي تي مقماي ماڻهن دانهيندي چيو ته ڪڇي پاڙو پاڪستان جي وجود کان اڳ م 1934ع ۾ آباد آهي هڪ پرامن شهري هتي جا رهواسي نسل درنسل آباد آهن.پر مختلف موقعن تي هتان جي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ لاءِ سازشون سٽيون وينديون رهيون آهن.مولانا ڀٽو چيوته حڪومت جو فرض آهي ته هو ڪڇي پاڙي جي رهواسين کي انصاف فراهم ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button