سکر

نيٽو سپلائي جي حوالي سان هاڻي مفت ۾ ڪم نه ڪنداسين: چوڌري احمد مختيار

SKR AHMED MUKHTIARسکر (رپورٽ :عمر سومرو) وفاقي وزير دفاع چوڌري احمد مختيار چيو آهي ته نيٽو سپلائي جي حوالي سان هاڻي مفت ۾ ڪم نه ڪنداسين، نيٽو سپلائي جي حوالي سان اسان جا جيڪي خرچ ايندا آهن اهي وصول ڪنداسون، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان آمريڪا سان گڏ ڪردار ادا ڪيو آهي، ان لاءِ آمريڪا کي به اسان جي ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي، هن چيو ته آءِ ايس آءِ ۽ فوج سميت ٻيا ادا را اسان جي ڪنٽرول ۾ سيڪريٽري دفاع جي جواب ۾ ان جي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي ۽ جلد ئي جواب پيش ڪنداسون، هن چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نٿو سگهي. جڏهن ته ان جي ويزن ۽ پروگرام کي کڻي اڳتي وڌي رهيا آهيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button