سکر

نواز سريف جي ڪري ملڪي معاملن کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ سي او ڊي جي توهين آهي: فردوس عاشق اعواڻ

Awanسکر (رپورٽ :عمر سومرو) اطلاعات جي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز سريف جي ڪري ملڪي معاملن کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ سي او ڊي جي توهين آهي، اسان جي ليڊر شپ پاران هٿ وڌايا ويا آهن نواز شريف ملڪ جي عوام، پارليمينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ ان جو مثبت جواب ڏئي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي، هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو انٽر نيشنل ڪانسر پرنسي جو شڪار ٿي ان تي ڪجهه جوابدار ڏٺل ۽ ڪجهه اڻ ڏٺل آهن اهو معاملو عدالت ۾ آهي ان جو فيصلو اچڻ بعد ان کي ميڊيا جي عدالت ۾ آندو ويندو، هن چيو ته نوٽ ۽ بلٽ سان ايندڙ تبديلي سان ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو، هن چيو ته جمهوريت ۾ ئي ملڪ جي بقا آهي اسان ووٽ جي طاقت تي يقين رکون ٿا، سياسي سرگرمين جي آڙ ۾ پيدا ٿيندڙ عدم استحڪام سان عوامي مسئلا جنم وٺندا، هن چيو ته تمام جمهوريت پسند قوتن کي ويهي ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت جي سياست کي هلائڻو پوندو، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ بيروني جارحيت جو مقابلو اندروني يڪجهتي سان ٿي سگهي ٿو. ملڪ جو دفاع استحڪام ۽ ادارن جي بحالي جمهوري روين تي فروغ ڏيڻ سان ئي ممڪن آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي سرگرميون جمهوريت جو حسن آهي، چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون، هن چيو ته سي او ڊي هڪ رستو آهي جنهن جي ذريعي ملڪ ۾ جمهوري ڪلچر کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو جنهن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، مگر ان جي دعويدارن جو ڪردار زيرو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button