مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ٿيا
مٽياري : مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي طرفان ڪيل احتجاج اڄ اٺئين (8) ڏينهن به جاري. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ڪيا ويا. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد احتجاج جو دائرو واڌائي ڇڏيو ۽ اٺئين ڏينهن به پنهنجو احتجاج جاري رکيو. مٽياري اجرڪ اتحاد جي صدر الطاف حسين کوسي ميديا کي ٻڌائيندي چيو ته جيسين تائين اسان جرڪ جي مزدورن جا جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويندا تيسين تائين اجرڪ جا مزدور پنهنجو احتجاج جاري رکندا ۽ سنڌ جي ثقافت کي تباه ڪندڙ سنڌ ڌشمنن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي حمايت ڪندڙ انڊس سوشل فورم جي مرڪزي نائب صدر خادم حسين ميمڻ ٻڌائيندي چيو ته اجرڪ جي غريب پورهيتن جي اُجرت ۾ اضافو ڪيو وڃي، اڄ اجرڪ جي مزدورن کي اٺ (8) ڏينهن گذري ويا آهن ۽ اجرڪ جا مزدور مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، پر اجرڪ ٺهرائيندڙ مالڪن جي مٿي ۾ جوُن به نٿي سُري ۽ نه ئي وري اجرڪ جي مزدورن سان ڪنهن به سرڪاري ڪاموري ڪو رابطو نه ڪيو آهي. انڊس سوشل فورم مٽياري جي اعليٰ آفيسرن سميت سنڌ جي ثقافتي وزير محترمه سَسئي پليجو کان مطالبو ٿا ڪريون ته مٽياري ۾ اجرڪ جي مزدورن جا جائز مطالبا جلد حل ڪرايا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ اجرڪ جي مزدورن سان گڏ انڊس سوشل فورم سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج هوندي.
مٽياري ۾ اجرڪ جي مزدورن جي حقن لاءِ انڊس سوشل فورم جي طرفان لڳايل علامتي بک هڙتال واري ڪئيمپ ۾ انڊس سوشل فورم جي مرڪزي نائب صدر خادم حسين ميمڻ، انڊس سوشل فورم ڊسٽرڪٽ مٽياري جي صدر افسر احمد پنهور، انڊس سوشل فورم ڊسٽرڪٽ مٽياري جي جنرل سيڪريٽري محمد اقبال پنهور، ۽ انڊس سوشل فورم جي ٻين ميمبرن اجرڪ مزدورن سان گڏ علامتي بک هڙتال ۾ شامل ٿيا ۽ اجرڪ جي مزدورن کي انصاف ڏيارڻ جو عزم پڻ ڪيو.