ميمو ڪيس ۾ زرداري غداري ڪئي آهي زرداري آمريڪا جو غلام آهي: غنويٰ ڀٽو
سکر (رپورٽ : عمر سومرو) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اسين عوامي رابطا مهم لاءِ نڪتا آهيون ۽ عوام کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ نڪتا آهيون، هاڻي عوام به ميدان ۾ نڪري رهيو آهي ۽ احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ ان جنگ ۾ حصو وٺي رهيو آهي جيڪا جنگ امير ۽ غريب جي آهي، ميمو ڪيس ۾ زرداري غداري ڪئي آهي زرداري آمريڪا جو غلام آهي، ميمو ڪيس ۾ زرداري فوج سان غداري ڪئي آهي، حڪمران پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور ٿي چڪا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي گرائونڊ سکر ۾ هڪ جلسي عام کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سامراجي ملڪ غريب ملڪن تي قبضو ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪا عراق، افغانستان، فلسطين سميت ٻين ملڪن تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي غريب عوام تي به حملا ٿي رهيا آهن، آمريڪين جي گرفت صرف حڪمرانن تائين آهي عوام تائين نه آهي، جنهن ڪري عوام حڪمرانن کي ٺڪرائي چڪو آهي، ۽ آمريڪي حملو ڪري اسان جي 4 2 جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته آمريڪا جي ايئربيس خالي ڪرڻ سان وجود ختم نه ٿيو آهي، آمريڪي حڪومت جي مختلف ادارن ۾ ويٺل آهي،جيستائين انهن جو وجود اتان نه ختم ٿيندو تيستائين آمريڪي ختم نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ اپوزيشن پارٽيون ٺهرائيندي آهي، مگر اسان کي عوامي تحريڪ جي ضرورت آهي، هن چيو ته مغربي دنيا پاڪستان کان ناراض ٿي چڪي آهي، اسامه جو پاڪستان ۾ قتل ٿيو هو، پر اسان کي يقين نه آهي ته هو اسامه نه هو، حڪمران ڪوڙا آهن، جن لاءِ اسان مزاحمت ڪري رهيا آهيون اهي اسان کان نفرت ڪري رهيا آهن ۽ اسان مٿان معاشي حملا ڪري رهيا آهن، هاڻي انقلاب جو وقت اچي چڪو آهي، هن چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ لٽ مار جي ڪري ملڪ جي قومي ادارا ريلوي، پي آئي اي، پاڻي، گيس، بجلي سميت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن ۽ اسان ساڳو ئي پراڻي پٿر واري زماني ۾ پهچي ويا آهيون، اسان جي حڪمرانن ۽ زرداري عوام کي اوندهه ۾ ڌڪيو آهي، هن چيو ته هن ملڪ ۾ نه انصاف ملي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن غريب کي تعليم حاصل ٿي رهي آهي. حڪمرانن جي لاپرواهي سبب ڪو به محفوظ نه آهي، غريب هارين کي زمينون نه آهن، غريبن جو علاج نه ٿي رهيو آهي، اسان کي هن ملڪ جي غريب عوام جو ووٽ بينڪ کپي، ظالمن جو نه، وڏيرن، چوڌرين جو ووٽ به نه، هن ملڪ جي غريب عوام جي مدد کپي ته جيئن انهن جي مدد سان ڪامياب ٿي ڪري هن پارليامينٽ تائين پهچي ڪري هن گند کي صاف ڪريون. هن چيو ته موجوده پارليامينٽ عوامي پارليامينٽ نه آهي پر آمريڪي پارليامينٽ آهي جيڪا پاڪستان ٽوڙڻ چاهي ٿي ۽ اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ چاهيون ٿا، اسان هيٺين سطح تي تبديلي چاهيون ٿا. انهن چورن جي ذريعي تبديلي نه ايندي، تبديلي پهريون اسان کي ذهنن ۾ آڻڻ کپي، اهو خواب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ جي غريب عوام کي ڏيکاريو هيو ان جي تڪميل اسان ڪنداسون، هن چيو ته ملڪ جو عوام حڪمرانن جي ظلم جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيندا ۽ انهن جو ظلم هاڻي ڪمزور ٿي رهيو آهي، ملڪ اندر غربت ايتري وڌي چڪي آهي جو غريب عوام سخت پريشان آهي، مزدورن جو استحصال ٿي رهيو آهي، آئنده جو لائحه عمل اهڙو جوڙينداسين، جنهن ۾ بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون وينديون، بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو ويندو، هن چيو ته ملڪي دولت برابري جي بنياد تي تقسيم ڪئي وڃي، اسان صوبائي خودمختياري چاهيون ٿا ۽ آمريڪي غلامن جو وجود ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، معاشي سامراجي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته هن ملڪ مان آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جو نظام ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن ملڪ جو غريب عوام هن ظالم حڪمرانن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ هن ملڪ جو غريب عوام اميرن کي شڪست ڏئي ڇڏيندو، هن چيو ته جيستائين هن ملڪ جو غريب عوام متحد نه ٿيندو تيستائين اهڙي تبديلي نٿي آڻي سگهجي، اسان هن ملڪ ۾ غريب عوام جي طاقت چاهيون ٿا، پر وڏيرن، جاگيردارن ۽ چوڌرين جي نه، اڄ کان عوامي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي هن ملڪ مان آمريڪي سامراج خلاف نڪتا آهيون ۽ اهو ختم ڪري دم پٽينداسين ۽ جلد ئي هن ملڪ ۾ غريب عوام انقلاب آڻي ظالمن کان حساب وٺندو ۽ ملڪ تي غريب عوام حڪمراني ڪندو. جلسي دوران پير سيد احمد علي شاهه راڻيپور ۽ محمد حنيف روهڙي، انهن پنهنجي برادرين ۽ هزارين ساٿين سميت پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.