سکر

ميمو اسڪينڊل ڊرامو آهي منصور اعجاز فساد ڪرائڻ چاهي ٿو: خالد محمود سومرو

KhalidSoomro12سکر (بيورورپورٽ)جي يو آءِ جي صوبائي اڳواڻ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته ميمو اسڪينڊل ڊرامو آهي منصور اعجاز فساد ڪرائڻ چاهي ٿو عوام ديندار قيادت کي اڳتي آڻي اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اوٻاڙو ڀرسان ڳوٺ لانگهو ۾ مدرسي دارالفلاح حماديه جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته منصور اعجاز جي سرگرمين سان ظاهر ٿئي ٿو ته هو قادياني آهي جيڪو مسلم ملڪن ۾ فساد ڪرائڻ چاهي ٿو هن چيو ته نواز شريف پارليامينٽ ۾ وڃڻ بدران سپريم ڪورٽ ڏانهن ويو آهي جيڪا جمهوريت جي خلاف سازش آهي اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين هن چيو ته عمران خان لوٽن جي نئين کيپ ڀرتي ڪئي آهي جيڪا ڪاراگر ثابت نه ٿيندي ڇوته جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ اها اسٽبلشمينٽ جي چال آهي جنهن کي سمجهڻ ضروري آهي عوام جلسن کان متاثر ٿيڻ بدران ديني قوتن کي اڳتي وڌائين جيئن ملڪ کي حقيقي اسلامي رياست قائم ڪري سگهجي ان موقعي تي مولانا بشير احمد شر،مولانا محمد صديق جتوئي،مولانا عبدالغفارملڪ،عبدالحميد ملڪ،محمد حنيف ملڪ،محمد شفيق کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا بعد ۾ دعا خير گهري وئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button