سکر اسمال ٽريڊرز جي تنظيمي چونڊ ٿي گذري
سکر (بيورورپورٽ)سکر اسمال ٽريڊرز جي تنظيمي چونڊن جي اليڪشن ڪميشنر شريف ڏاڏا مختلف واپاري تينظيم تي مشتمل واپارين جي قديمي ۽ نمائنده تنظيم سکر اسمال ٽريڊرز جي نئون چونڊيل عهديدارن جو اعلان ڪندي بيان جاري ڪيو ته سڀني عهدن تي ڪاغذات نامزدگي داخل ڪرايا ويا پر حاجي محمد جاويد ميمڻ پينل جي اميدوارن جي مد مقابل نامزد اميدوارن پاران ڪاغذات نامزدگي واپس وٺڻ کانپوءِ تمام عهديدار بنا مقابلي منتخب قرار ڏنا ويا. جنهن جي مطابق سرپرست اعليٰ حاجي شفيع عباسي، صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ، سينئر نائب صدر عبدالستار راجپوت، نائب صدور يعقوب ملڪ، احسان ٻنڌاڻي، جنرل سيڪريٽري عبدالرحيم سيٺي، ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل شڪيل قريشي، جوائنٽ سيڪريٽري رئيس قريشي، جوائنٽ سيڪريٽري 2 پرويز چنه، اطلاعات سيڪريٽري برڪت علي سولنگي، سيڪريٽري فنانس محمد محسن کي بلا مقابل چونڊيل قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪمشنر شريف ڏاڏا ميمبرن ذاڪر ٻنڌاڻي ۽ شريف خان جي مطابق نئون چونڊيل عهديدار پنهنجي نئون عهدن جو باقاعده نوٽيفڪيشن اڄ جاري ڪرڻ کان پوءِ سنڀاليندا.