سکر

روهڙي ۾ تحريڪ انصاف جو شاندار جلسو، مختلف سياسي جماعتن کان تعلق رکندڙ پارٽي ۾ شامل,ميمو حقيقت آهي، حڪومت کي سندس استعيفي ڏيڻ کپي، ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ

imran khan pti afp1.jpg 5431سکر:تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف سکر ريجن جو روهڙي ۾ شاندار جلسو ٿيو جنهن ۾ڪارڪنن سميت ٻين سياسي ڌرين سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سکر ريجن جي آرگنائزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ چيو ته ڪراچي جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، سندس هر رڪاوٽ کي ٽوڙي چڏيندا سون، ڪراچي جلسي ۾ سڄي سنڌ مان لکين ماڻهو جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪندا، جلسو،هن وڌيڪ چيو ته ميمو هڪ حقيقت آهي، ان لاء حڪومت کي استعفي ڏيڻ کپي، روهڙي جلسي دوران مختلف جماعتن سان واسطور رکندڙن پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ پي پي پي، مسلم ليگ ن جا اهم اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن سميت شموليت اختيار ڪئي، نه صرف سياسي جماعتن بلڪه، ملاح، چاچڙ، سومرا، ڊريها ۽ ٻين برادرين جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، شموليت اختيار ڪندڙن ۾اسد ملاح، سيف دراني، گلشير ڊريهو، سردار محمد بخش سومرو ۽ ٻيا شامل هئا، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي اڳوڻن ۾ محفوظ اختر، عبدالرب هاشمي،زبير ڪريم، رئيس عبدالغفار ڪلوڙ، غلام سرور، سيد سرور علي شاه بخاري، عمران قمبراڻي ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته ڪراچي جلسي جو اجازت نامو جلد ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، ۽ تحريڪ انصاف جي سونامي کي ڪوئي به طاقت منهن نه ٿي ڏئي سگهي،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button