سکر

آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: خالد اطهر محمود

washerman in sukkurسکر (بيورورپورٽ) آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به قبضي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪرپشن ۾ ملوث اسٽاف سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سيڪريٽري آبپاشي کاتو خالد اطهر محمود پاران سکر، روهڙي سميت ٻين شهرن ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تي قائم غير قانوني تعميرات ۽ بندروال جي تعيمراتي جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، ان سان گڏ اڳوڻو سيڪريٽري ۽ ماهرن ادريس راجپوت، نور محمد بلوچ، منصوب زيدي، چيف انجنيئر اعجاز احمد ۽ ٻيا به موجود هئا، ان موقعي تي هن چيو ته آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياهه جي ڪناري تي قائم ٿيندڙ تعيمرات خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ان سلسلي ۾ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، آبپاشي کاتي جي ايراضي تي ڪنهن کي به غير قانوني طريقي سان تعميرات ڪرڻ نه ڏني ويندي، هن چيو ته تازي سيلاب بعد آبپاشي کاتي پاران سنڌو درياهه جي ڪناري تي رهندڙن کي زمين خالي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، جنهن جي سلسلي ۾ سکر جي بندروال تي قائم نا جائز حد دخلين جو خاتمو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، هن چيو ته سکر بيراج جي اسٽرڪچرتي ڪم ڪرڻ جي سلسلي جاپان کان ٽيم گهرائي وئي هئي مگر انهن کي سکر بئراج جي سلسلي ڪم نه ڏنو ويو، سکر بيراج جي تحقيق لاءِ پاڪستاني ايڪسپرٽ ٽيم سان گڏ آمريڪي ايڪسپرٽ ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button