سکر

ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ شهر ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ ناقص صفائي جي انتظامن تي نساسڪ جي ايم ڊي خلاف گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو

Sukkurسکر (بيورورپورٽ)سکر شهري اتحاد پاران ضلعي سکر ۾ سوئي گيس جي غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ شهر ۾ گندگي جي ڍيرن ۽ ناقص صفائي جي انتظامن تي نساسڪ جي ايم ڊي خلاف گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيد الله ڀٽو، مولانا عبدالحق مهر، سيد عمران علي شاه، محمد اعظم مهر، نور الله ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي ته هئي پر الٽو غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ڪري گهريلو عورتن کي وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي عورتون ڪاٺيون ٻاري کاڌو پچائڻ تي مجبور ٿي ويون آهن، سوئي گيس کاتي جي ڪنهن به قسم جو اثر نه ٿي رهيو آهي، شهري احتجاج ڪندي ڪندي ٿڪجي چڪا آهن، هنن چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ سان غريب صارفين ڀوڳي رهيا آهن، نساسڪ به شهر کي کنڊرات ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ناقص انتظامن ۽ بيان بازين ۽ فوٽو ڪڍرائڻ جي چڪر ۾ نساسڪ آفيسرن پاران شهر کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير جمع ٿي ويا آهن، شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ بدران گندو ۽ بدبودار پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، نساسڪ عملي جي سينيٽري ملازمن سان زيادتيون وڌي چڪيون آهن، ملازم ايم ڊي خلاف سراپا احتجاج آهن، جڏهن ته نساسڪ ايم ڊي پنهنجي من پسند آفيسرن کي نوازڻ ۽ سياسي دوستي چمڪائڻ ۾ مصروف آهي هنن چيو ته جلد کان جلد گيس پريشر ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ گيس جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ بند ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button