ٺٽو

ٺٽي ۾ ڦرن چورين ۽ بدامني فھلجڻ سبب 3 ايس ايڇ اوز سميت 2 انچارجن کي ھٽائي ويو

sindh policeٺٽو (سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ضلعي ۾ ڦرن چورين ۽ بدامني ڦهلجڻ سبب 3 ايس ايڇ اوز سميت 2 انچارجن کي هٽائي نيون مقرريون ڪيون ويون . ٺٽي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن مان 5 موٽرسائيڪلن جي ڦر ٿيڻ ۽ گهرن مان چوريون ٿيڻ وارن واقعن جو نوٽيس وٺندي ٺٽي جي ايس ايس پي محمد علي وساڻ ٺٽو، مڪلي ۽ ڪيٽي بندر ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻن چوڪي انچارجن کي هٽائي سندن جاين تي نيون مقرريون ڪري ڇڏيون آهن جنهن تحت ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عرفان سپيو کي هٽائي سندس جاءِ تي غلام محمد ميمڻ ۽ پوليس چوڪي ٺٽو جي انچارج بشير چانڊيو کي هٽائي اشرف شاهي کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور الدين بروهي کي هٽائي سندس جاءِ تي عرفان سپيو ۽ پوليس چوڪي پيرپٺو جي انچارج عبدالمجيد کي هٽائي سندس جاءِ تي زاهد کوسو کي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت ڪيٽي بندر ٿاڻي جي ايس ايچ او اشرف شاهاڻي کي هٽائي سندس جاءِ تي قادر سرڪي کي ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button