سکر

واپڊا جي نجڪاري نه پئي ڪئي وڃي ملازم اجائي احتجاج ڪري رهيا آهن: نويد قمر

SKR NAVEED QAMARسکر (رپورٽ :عمر سومرو) پاڻيءَ ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته واپڊا جي نجڪاري نه پئي ڪئي وڃي ملازم اجائي احتجاج ڪري رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ تي ڳڙهي خدابخش روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ڊيمن ۾ فلو گهٽ هجڻ جي ڪري ٻيهر لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ايندڙ مهيني تائين ان ۾ بهتري اچي ويندي، اسان واپڊا يونين کي مذاڪرات جي ذريعي يقين ڏيارائي رهيا آهن ته انهن جي غلط فهمي دور ٿي سگهي، هن چيو ته اسان واپڊا جي ڪنهن حصي کي نه ته ڪنهن کي ڏئي رهيا آهيون ۽ نه ئي ان جا شيئرز وڪرو ڪري رهيا آهيون، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان بجلي جي ٽيرف ۾ به اضافو ڪرڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته اسان پرائيوٽ سيڪٽر جي مدد سان واپڊا ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪي بجلي گهر هلي رهيا آهن، انهن جي پيداوار وڌايون ۽ پرائيوٽ سيڪٽر جي مدد سان جيڪي بجلي گهر بند آهن انهن کي به ٻيهر هلائي سگهون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button