سکر

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ڪالهه به ناقابل تلافي نقصان هئي ۽ اڄ به آهي: فاروق ايڇ نائيڪ

SKR FAROOQ H NAIQسکر (بيورورپورٽ) سينيٽ جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ڪالهه به ناقابل تلافي نقصان هئي ۽ اڄ به آهي، سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تي موجوده حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، ڇو ته ان جي ويزن کان هٽي ڪري حڪومت عوامي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جيترو ڪم محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيو ايترو پهريون ڪڏهن به نه ٿيو هيو، ايتري تائين جو محترمه پاران عدليه ۾ به جج عورتون ڀرتي ڪيون ۽ عورتن لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين هلي رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button