سکر

سکر کان ڪراچي جلسي لاءِ تحريڪ انصاف جو قافلو روانو،جاويد هاشمي جي شموليت تي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر،جهومرويون،حق ۾ نعريبازي

PTI Sukkurسکر: تفصيل موجب جاويد هاشمي جي تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي اعلان کان پوءِ، سکر ريجنل آفيس ۾ ڪارڪنن توڙي شهري وڏي انگ ۾جمع ٿي ويا،خوشي ۾ جذباتي نعريبازي،جهومريون، ۽ مٺائي ورهائي ويئي، ان موقعي اتر سنڌ سکر ريجن جي آرگنائزر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ ٻڌايو ته جاويد هاشمي موروثي سياسي جماعت کي مسترد ڪري هڪ اصولي فيصلو ڪيو آهي، ۽ سندس ان عمل تي مبارڪباد ڏيون ٿا، ان موقعي هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جلسي ۾ سنڌ جون اهم شخصيتون پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون۽ جلسوسنڌ جي سياست ۾ انقلاب برپا ڪندو، هن چيو ته سنڌ ڌرتي جا واسي هاڻي انقلاب ۽ تبديلي چاهين ٿا ۽ عمران خان سندس انقلاب جو سپهه سالار آهي، ان موقعي تي سکر شهر جي وڏي اڪثريت جا حامل بنڌاڻي برادري جي سوين ڪارڪنن پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته موجودو حڪومت توڙي ماضي جي ٻين سياسي جماعتن مايوس ڪيو آهي ان لاءَ هو تحريڪ انصاف جو جهنڊو بلند ڪري سماجي براين خلاف آواز اٿاريندا ۽ عمران خان جي تبديلي جي قافلي ۾ شرڪت ڪن ٿا، سکر شهر جي صدر عبد الرب هاشهمي ان موقعي تي چيو ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف تبديلي جي علامت بڻجي چڪا آهن، ان موقعي تي محفوظ اختر، سيد سرور شاهه بخاري،عمران علي خان قمبراڻي، لالا جاويد، زبير ڪريم، غلام مرتضي جسڪاڻي، اسدجمال سولنگي، عرفان پٺاڻ ۽ ٻيا عهديدار موجودهئا،ان موقعي تي اهو به اعلان ڪيو ويو ته سکر شهر ۾ قوئنس روڊ تي ڪراچي جلسي جي براه راست نشريات ڏيکارڻ لاءِ سندس پروجڪيٽر لڳرايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button