سکر

دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي: ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

KhalidSoomro12سکر (بيورورپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان ڪا به طاقت نٿي روڪي سگهي، شهداءِ اسلام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، اسان کي کپي ته دين جي حفاظت ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن کان سبق حاصل ڪندي ملڪ کي اسلام دشمن عناصرن کان بچايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ جي يو آءِ يونٽ شمس آباد ۾ منعقد ڪيل شهداءِ اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي هن ڪيترن ئي بحرانن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، موجوده حڪمران اسلام دشمن عناصرن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري جا طوفان آڻڻ تي تريل آهن، هن چيو ته ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ عوام وٽ صرف اسلامي قيادت جو آپشن رهجي ويو آهي، جي يو آءِ پاران هميشه ملڪ دشمن عناصرن ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪيا آهن موجوده حڪمرانن هن وقت تائين عوام سان ڪيل واعدن تي عمل نه ڪيو آهي جنهن سبب پاڪستان جو عوام پريشاني ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، هن چيو ته جي يو آءِ ملڪ جي سلامتي ۽ ان جي بقاءَ لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽندي. شهداءِ اسلام ڪانفرنس کي سعود افضل هاليجوي، الاهي بخش ٽانوري، مولا بخش مهر، مولانا قمر الدين ملاڻو، مولانا حسين بخش آزاد ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button