خيرپوراندر هلندڙ تمام سي اين جي تي هلندڙ وينن جا گيس سيلنڊر وينن جي ڇِت تي منتقل ڪيا ويندا: ڊپٽي ڪمشنر
خيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ٽرانسپورٽرس هڪ گڏجاڻي ٿي گُذري جنهن ۾ تازو سيٺارجه ۾ سي اين جي وين جي حادثي جي حوالي سان غور و فڪر ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي چيو ته تازو سيٺارجه ويجهو سي اين جي وين اندڙ ٿيل خطرناڪ ڌماڪي جي ڪري انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن دردناڪ حادثن کي روڪڻ لاءِ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي، ٽرئفڪ پوليس ۽ ٽرانسپورٽرس کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته تازو واقعي اندر فوت ٿيلن جي معاوضي لاءِ تفصيلي رپورٽ سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي ويندي جڏهن ته زخمين کي مفت علاج لاءِ ضلعي انتظاميه پاران صحت کاتي کي حُڪم جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته کين مفت علاج کانسواءِ سائتا لاءِ ڏهه ڏهه هزار روپيه پڻ ڏنا ويا آهن. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ ٽرانسپورٽرس جي صلاح مشوري کانپوءِ ٿيل فيصلي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پوليس پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ٻُڌايو ويو ته تازو سيٺارجه توڙي منگهنواري ۾ ٿيل وين جي سيلنڊر ڦاٽن جو مکيه سبب سي اين جي ڪٽس ڏانهن ويندڙ گيس لائين ۾ ليڪيج ۽ سگريٽ جي ڪري ٿين ٿا. ان موقعي تي ٽرانسپورٽرس جي صلاح مشوري کانپوءِ اهو فيصل ڪيو ويو ته ڏهن ڏينهن اندر ضلعي اندر هلندڙ تمام سي اين جي تي هلندڙ وينن جا گيس سيلنڊر وينن جي ڇِت تي منتقل ڪيا ويندا جڏهن ته خيرپور کان ڪراچي توڙي حيدرآباد گُذرندڙ سي اين جي وينن تي جي گيس سيلنڊر جي فٽنيس چيڪ ڪئي ويندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ٽو، اي ايس پي سٽي، آر ٽي اي سيڪريٽري ۽ موٽر ويهيڪل انسپيڪٽر تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن پاران هر هفتي ڊي سي خيرپور کي اهڙين گاڏين جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ون شاهزمان کهڙو، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو ڪئپٽن انوار احمد، آر ٽي اي سيڪريٽري علي رضا شاهه ۽ ٽرانسپورٽرس جنهن ۾ سيد علي مدد شاهه، حاجي عبدالغني ڦلپوٽو، حاجي خان ڏاهري، محمد اقبال ڦلپوٽو، شوڪت علي چوهاڻ، ذوالفقار علي جوڳي ۽ ٻيا شامل هئا. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو ته اهڙن واقعن کي هميشه جي لاءِ روڪڻ لاءِ قومي توڙي صوبائي حڪومت پاران جلد ڪو نه ڪو حڪم جاري ٿيندو پر تيستائين ٽرانسپورٽرس کي گهرائي سندن صلاح مشوري سان گڏجي ڪري سي اين جي وينن جي ڇت تي گيس سيلنڊر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن سان اهڙن واقعن کي ڪنهن حد تائين روڪي سگهجي ٿو.