سکر

حڪمرانن پاران هٿ سان ٽوڙي بند ٽوڙي ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو: سردار تاج محمد ڊومڪي

Toar Bandسکر (بيورورپورٽ) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سنڌ جي صدر سردار تاج محمد ڊومڪي چيو آهي ته حڪمرانن پاران هٿ سان ٽوڙي بند ٽوڙي ڪري لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو آهي ماڻهو اڃان تائين ڪيمپن ۾ ويٺل آهن ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون نه ملي رهيون آهن، اهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن تازو سنڌ ۾ طوفاني برساتن سبب نالا ابتا وهڻ ڪري هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جيڪي سردي جي موسم ۾ به روڊن تي پيا آهن، حڪومت پاران اعلان ته وڏا ڪيا ويا آهن مگر انهن مان هڪ تي به عمل نه ٿيو آهي، پاڪستان ڪارڊ جي نالي تي ماڻهن کي گوليون وسايون وڃن پيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن چوهاڻ هائوس سکر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي ان موقعي تي پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جو نائب صدر علي احمد پليپوٽو، جنرل سيڪريٽري عنايت علي عمراڻي، ضلعي صدر اصغر چوهاڻ ۽ ٻيا به موجود هئا، هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي روزگار نه ملي رهيو آهي ۽ موجوده حڪمران نوڪريون وڪرو ڪري رهيا آهن، پوليس ۽ ماستري جا 4 ، 4 لک روپيا وٺي رهيا آهن، نوجوان ٽيسٽون ڏئي ڪري تنگ ٿي چڪا آهن، هن چيو ته حڪمرانن اسان جي ڌرتي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ موجوده حڪمران ڊالرن جي لالچ ۾ اچي ويا آهن آمريڪا اسان مٿان ڊرون حملا ڪري اسان جا ماڻهو ماري رهيو آهي، هاڻي ته فوجي جوان به شهيد ٿي رهيا آهن، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پهريان ئي آمريڪين کي سڃاڻي چڪو هو، هن آمريڪين کي ملڪ اندر نه اچڻ ڏنو جنهن تي آمريڪا ناراض ٿي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرائي ڇڏيو، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، بلوچستان اسان جي هٿن مان وڃي رهيو آهي، بلوچ سردار انهن چورن حڪمرانن سان ڳالهيون نه ڪندا ۽ هاڻي به ملڪ کي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ملڪ معاشي طور تي ٿائيلينڊ کان به هيٺ وڃي رهيو آهي. ملڪ اندر اربين ڊالر آيا اهي ڪيڏانهن ويا ڪيا خبر نه آهي، آصف زرداري ملڪ اندر پئسا خرچ ڪرڻ بدران ٻاهر منتقل ڪري رهيو آهي، زرداري ڪرپشن جي جڙ آهي، هن چيو ته ملڪ جا قومي ادارا ريلوي، اسٽيل مل، پي آئي اي تباهه ٿي چڪا آهن، ميمو مسئلي بعد اسان هاڻي محفوظ نه رهيا آهيون ۽ حڪمرانن ۾ ايتري جرئت نه آهي جو انهن سان وڙهي سگهن، هن چيو ته پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو 3 2 ڊسمبر تي سکر ۾ جلسي عام دوران اهم انڪشاف ڪندي، هيءَ اها پارٽي آهي جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو پنهنجي خون سان ٺاهي آهي، هن چيو ته انتظاميه جلسي ڪرڻ دوران رڪاوٽون وجهي رهي آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪن جلسي ۾ شريڪ ٿيندا، اسان کي ڪليئر روٽ ڏنو وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا پاران جلسي ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button