جي يو آءِ جي جلسي ۾ وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت ڪري ڇڏيو ته جي يوآءِ سنڌ جي وڏي پارٽي آھي: سيد محمد ايوب شاهه
سکر (بيورورپورٽ) جي يو آءِ ضلعي سکر جي سينيئر اڳواڻ آغا سيد محمد ايوب شاهه، آغا محمد هارون ۽ مولانا عبدالحق مهر چيو آهي ته منزل گاهه گرائونڊ سکر ۾ جي يو آءِ جي تازي جلسي ۾ لکن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جي يو آءِ سنڌ جي وڏي سياسي ۽ مذهبي قوت بڻجي چڪي آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي. هنن چيو ته جي يو آءِ سنڌ ۾ ٻيو وڏو پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو 2 2 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ڪندي، جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ 2 2 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ آمريڪا مرده باد ريلي ۾ لکن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري لاڙڪاڻي ۾ پ پ ۽ ن ليگ جا تمام رڪارڊ ٽوڙيندا. هنن چيو ته 2 2 تاريخ تي سکر مان هڪ سئو گاڏين تي مشتمل وڏو قافلو مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي اڳواڻي ۾ روانو ٿيندو، آخر ۾ هنن عوام کي اپيل ڪئي ته 2 2 ڊسمبر تي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري بيداري جو ثبوت ڏيندا.