ڦلترو سياستدانن گولاڙچي ۾ پ پ ريلي تي حملو ڪري ڪم ظرفي ڏيکاري: پيرمظهرالحق
ڪراچي : پيپلزپارٽي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيئر وزير سنڌ پير مظهرالحق گولاڙچي ۾ پيپلزپارٽي جي ريلي تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته صدر زرداري جي حمايت ۾ نڪتل پيپلزپارٽي جي ريلي تي حملو ڪرائي فلترو سياستدانن پنهنجي ڪم ظرفي جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته اهڙي واقعي تي پيپلزپارٽي جي سمورن ورڪرن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، جڏهن ته غصي جي هڪ سخت لهر ڦهلجي وئي آهي، جڏهن ته ان ڪارروائي ۾ ملوث غنڊن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ ايندي، سينيئر وزير چيو ته پيپلزپارٽي هڪ وڏو سمنڊ آهي، جنهن ۾ پاڻ کي وڏو ترخم خان سمجهڻ وارا لڙهي ويا آهن، اڄ اهي سواءِ افسوس ڪرڻ جي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي کان سڃاڻپ حاصل ڪري پارٽي جي خلاف ڪم ڪرڻ وارا مفاد پرستن جي عوام جي دلين ۾ ڪا به جڳهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي موقعي پرست آهن، پير مظهرالحق چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۽ عوام جي حقن جي ضامن هئڻ سان گڏوگڏ جمهوريت جي علمبردار آهي