آرٽيڪل

ڌرڻن سان حڪومت ناھي ويندي

ليکڪ: موسيٰ رضا
Nawaz Dharnaسرڪاري انتظام ۾ ڪيل احتجاجي ريلين، جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن سان چونڊيل جمھوري حڪومتن جو خاتمو نھ ٿو ڪري سگھجي، اھا ئي پاڪستان جي سياسي تاريخ آھي ۽ پارلياماني جمھوريت جو اھو ئي نتيجو آھي جيڪڏھن جمھوريت کي قائم رکڻو آھي تھ آمراڻا حڪومتن جو رستو روڪڻو پوندو ۽ پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻو آھي تھ ان جي لاءِ آئين ۽ قانون ۾ واضح رستا موجود آھن. مخالف سياسي حڪومت جي اقتدار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ ۾ پنھنجي اڪثريت ظاھر ڪريو ۽ تحريڪ عدم اعتماد جي ذريعي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو. ان کان علاوھ ڪنھن بھ جمھوري حڪومت جي خاتمي جي لاءِ ڪوبھ طريقو اختيار ڪيو ويو تھ اھو ملڪ کي وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ڪري سگھي ٿو، پارليامينٽ کي ڪمزور بھ ڪري سگھي ٿو، جمھوريت جي ٻوٽي کي مُرجھائي سگھي ٿو ۽ آمراڻا حڪومتن جي راھھ سڌي ڪري سگھي ٿو ٻيو ڪجھھ نھ ٿو ڪري سگھي. نون ليگ جي سربراھھ ميان نواز شريف نھ ڪيل گناھن جي پاداش ۾ جيل ڪاٽيو، جلاوطني بھ اختيار ڪئي پر جمھوريت جي استحڪام جي حوالي سان ھو قيد دوران جنھن عزم جو اظھار ڪندو رھيو ھن ڏينھن نون ليگ جي سياسي طريقيڪار کي ڏسي ان تي يقين نھ ٿو اچي.1990ع جي ڏھاڪي ۾ چئن جمھوري حڪومتن کي گھوٽيو ويو، ٻھ حڪومتون نون ليگ ۽ ٻھ حڪومتون پاڪستان پيپلزپارٽي جون ھيون، آخري حڪومت ٻھ ڀاٽي ٽي اڪثريت واري حڪومت ھئي جنھن جو سربراھھ ميان نواز شريف ھيو، اھا حڪومت 21 آڪٽوبر تي ختم ڪئي وئي ۽ ان جو نتيجو اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ڊگھي اقتدار ۽ ميان نواز شريف جي ڪٽنب جو صدر مشرف سان معاھدي جي نتيجي ۾ پنھنجي سموري ملڪيت ۽ اثاثن سميت جدي روانگي جي صورت ۾ نڪتو. اڄ پاڪستان بحران جو شڪار آھي، دھشتگردي جي خلاف جنگ پاڪستاني معيشت کي بري طرح نقصان پھچايو آھي، ان سان گڏوگڏ خودڪش ڌماڪن، دھشتگردي جي وارڌاتن ۽ امن امان جي صورتحال سبب ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدارن جو تمام وڏو تعداد پنھنجو سرمايو ٻاھرين ملڪ منتقل ڪري چڪو آھي. ڄڻ 2008ع جي عام چونڊن کان پوءِ صورتحال بتدريج سنڀلجڻ شروع ٿي آھي، پاڪستان دھشتگردي جي خلاف جنگ کان بتدريج پاڻ کي الڳ ڪري رھيو آھي، آمريڪي مطالبن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي ۽ امن کي ھڪ موقعو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان جي باوجود لڳاتار ٻن سالن تائين پوندڙ بدترين برساتن ۽ ٻوڏ ملڪي معيشت کي بري طرح نپوڙيو آھي. گذريل حڪومت جي پيدا ڪيل گردشي قرضن جي ڪري توانائي جي شعبي ۾ گھرج ۽ پھچ جو شديد عدم توازن آھي، ھن وقت جڏھن پاڪستان پوري طاقت ۽ ڪوشش سان بي پناھھ بين الاقوامي دٻاءُ جي باوجود پاڻ کي بتدريج دھشتگردي جي خلاف عالمي جنگ کان الڳ ڪري رھيو آھي ۽ ڊو مور جا مطالبا مڃڻ جي بدران عالمي برادري کان ڊومور جو مطالبو ڪري رھيو آھي، ھن وقت حڪومت جي خلاف مھم شروع ڪري ڇڏڻ گھٽ ۾ گھٽ حُب الوطني نٿي چورائي سگھجي پرپوءِ ان کي پاور پاليٽڪس ضرور چئي سگھجي ٿو. نون ليگ جي طرفان احتجاج جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي، ان سان نون ليگ تھ سياسي اڪيلائپ جو شڪار ٿي رھي آھي پر ان کان وڌيڪ وڏو نقصان جمھوريت جي عدم استحڪام جي صورت ۾ نڪري سگھي ٿو، ھڪ لمحي جي لاءِ فرض ڪيو وڃي تھ غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي موجودھھ حڪومت کي ختم ڪيو وڃي تھ پوءِ ڇا ڪا اھڙي متبادل قيادت موجود آھي جنھن تي پوري قوم کي اتفاق ھجي گھٽ ۾ گھٽ نون ليگ جي قيادت اھڙي ھرگز نھ آھي جنھن تي پوري قوم يا سياسي جماعتون بھ متفق ٿين. پاڪستان پيپلزپارٽي جي تھ حڪومت ختم ڪئي ويندي، ان جي لاءِ وفاق جي علمبردار سڀ کان وڏي سياسي پارٽي ڪڏھن بھ نون ليگ جو ساٿ نھ ڏيندي، ٻي وڏي سياسي پارٽي قاف ليگ آھي جنھن جي اعليٰ قيادت جي خلاف نون ليگ جيڪو طرز عمل اختيار ڪيو اھا ھرگز ان پارٽي کي نون ليگ جي ويجھو اچڻ نھ ڏيندي. سنڌ جي شھري علائقن جي نمائندا سمجھي ويندڙ ايم ڪيو ايم جي متعلق نون ليگ جيڪو سياسي طريقو اختيار ڪري رکيو آھي ۽ جھڙي طرح ايم ڪيو ايم جي طرفان نون ليگ جي سياست جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آھي، اھا بھ مستقبل جي سياسي نقشي جي وضاحت ڪري ٿي. جمعيت علماءِ اسلام جو سربراھھ مولانا فضل الرحمان پھرين ئي نون ليگ جي سياسي طريقيڪار کان بيزاري جو اظھار ڪري چڪو آھي، ھڪ ٻي سياسي پارٽي جيڪا يقينن پارلياماني پارٽي نھ آھي ۽ بقول مولانا فضل الرحمان ان جي پويان ايجنسيون آھن اھا تحريڪ انصاف آھي، عمران خان ميان نواز شريف ۽ ميان شھباز شريف جي خلاف جھڙي طرح احتجاج ڪري رھيو آھي ان مان بھ اھو ثابت ٿئي ٿو تھ وفاقي حڪومت جي خلاف شروع ڪيل احتجاج جي ان سياست ۾ نون ليگ اڪيلي آھي. جنھن پارٽي کي پنھنجي احتجاج ۾ سياسي پارٽين ۽ نھ عوام جي حمايت حاصل ھجي اھا ڪھڙي طرح ھڪ چونڊيل جمھوري حڪومت جو تختو ڪلٽي ڪرڻ جي ڳالھھ ڪري سگھي ٿي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button