چڪوال ۾ آپريشن، ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 13 گرفتار
چڪوال(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چڪوال جي جابلو علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گرينڊ آپريشن دوران دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس ۽ انٽيليجنس اهلڪارن جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي ڪمانڊر سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پوليس ۽ انٽيليجنس اهلڪارن چڪوال جي پير چنبل جي پهاڙي علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ اغوا ڪيل اهلڪارن کي قيد ڪري رکڻ جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، پنڊ دادن خان جي پهاڙي علائقي ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد ٻنهي طرفن کان شديد فائرنگ ڪئي وئي، جنهن دوران انٽيليجنس جي هڪ ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪري جهنگوي جي ڪمانڊر ڊاڪٽر ارشد عرف مفتي سميت 6 اشتهاري دهشتگرد مارجي ويا، ذريعن موجب مارجي ويل ڪمانڊر ارشد عرف مفتي هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر هو، جنهن جو تعلق منڊي بهاؤ الدين سان ٻڌايو وڃي ٿو، سيڪيورٽي فورسز جي گرينڊ آپريشن ۾ مارجي ويل اشتهاري ڏوهاري پير چنبل جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پناهه وٺي ترسيل هئا، جيڪي اغوا جي 22 واقعن ۾ ملوث هئا، عسڪري ذريعن موجب پير چنبل ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي صبح جو ڏهين وڳي کان شام تائين ڊگهو آپريشن جاري رکيو ويو، هيليڪاپٽرن وسيلي آپريشن جي نگراني ڪئي وئي، انٽيليجنس جي قيادت ۽ پوليس آپريشن ڪيو، آپريشن بعد مارجي ويل دهشتگردن جا لاش غريب وال سيمينٽ فيڪٽري منتقل ڪيا ويا، آپريشن ۾ چڪوال، جهلم ۽ منڊي بهاؤ الدين ضلعن جي پوليس حصو ورتو، آپريشن دوران پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر فضائي نگراني ڪندا رهيا، ذريعن موجب دهشتگردن غريب وال سيمينٽ فيڪٽري جي سيڪيورٽي انچارج عمر هارون ۽ ٻين اهلڪارن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو، جن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو ويو سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 13 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.