ڪراچي

پيپلزپارٽي طرفان 13 نومبر تي ڪراچي ۾ دفاع جمهوريت ريلي ڪڍي ويندي

PPP Rallyڪراچي: پيپلزپارٽيءِ ڪراچي ڊويزن جي جنرل باڊي جو هڪ اهم اجلاس ڊويزنل صدر سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ پيپلزسيڪريٽريٽ ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ۽ ڊاڪٽر قيصربنگالي خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جنرل باڊي اجلاس ۾ ڊويزنل، ضلعي ۽ سٽي ايريا جي عهديدارن سميت ذيلي تنظيمن جي ڊويزنل عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 13 نومبر تي آچر واري ڏينهن 2 وڳي ٽاور کانءِ بندر روڊ جامع ڪلاٿ تائين هڪ عظيم الشان “دفاع جمهوريت ريلي” ڪڍي ويندي، جنهن کانپوءِ جامع ڪلاٿ تي جلسو عام ٿيندو جنهن کي پيپلزپارٽيءِ سنڌ جو صدر سيد قائم علي شاھ، سيد خورشيد شاھ، رضارباني سميت ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا.
اجلاس سان خطاب ڪندي تاج حيدر چيو ته هڪ ڀيرو وري پيپلزپارٽيءِ جي چونڊيل حڪومت جي خلاف سازشون شروع ٿي ويون آهن، جمهوريت دشمن ۽ رجعت پسندن عناصر ملڪ کانءِ جمهوري نظام کي ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ چور دروازيءِ کانءِ اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿا. هن چيو ته نواز ليگ پنهنجي واري جو انتظار ڪن ۽ جمهوري نظام جي خلاف سازشون بند ڪري ڇڏين. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي مڪمل جمهوريت جي طرف وڃڻو آهي اسين ملڪ ۾ صحت مند جمهوري نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ آمريت جي دور جي خرابين کي ختم ڪري رهيا آهيون. اسان ورثي ۾ مليل ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪيو آهي ۽ ڪري رهيا آهيون. ملڪ کي درپيش مسئلن ۽ خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. عوام جي طاقت سان جمهوري نظام جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏينداسين.
جنرل باڊي اجلاس سان خطاب ڪندي سيد نجمي عالم ۽ سعيد غني چيو ته عوام 13 نومبر تي پيپلزپارٽي ڪراچي پاران اعلانيل تاريخي دفاع جمهوريت ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيندا ته ڪراچي جو عوام جمهوريت پسند آهي ۽ هوءِ جمهوري نظام خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش جو نه حصو بڻجندا ۽ نه ئي ڪامياب ٿيڻ ڏيندا. سيد نجمي عالم پيپلزپارٽيءِ جي هر سطح جي عهديدارن، ڪارڪنن ۽ ذيلي تنظيمن جي عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هوءَ ريلي جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪن ته جئين چور دروازي کانءِ اقتدار ۾ اچڻ جو خواب ڏسندڙ عناصرن جي ناپاڪ مقصد کي ناڪام بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن جي عهديدارن سميت سٽي ايرياز جي عهديدارن پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button