مختصر خبرون

پري انٽري ٽيسٽ 2011 جو اکين ڏٺو احوال

ڊاڪٽر منيراحمد شيخ
CMCانسان صدين کان وٺي اڻٿڪ محنت ڪندو رھيو آھي ڪو بھ سائنسدان ھجي يا مصنف يا جج ھجي يا مزدور ھجي يا ڪي شاگرد ھجن، ھر ھڪ کي پنھنجي دنيا سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. ۽ ھڪ فرد کي ٻئي جو مسئلو تمام ننڍو نظر اچي ٿو پر پاڻ جڏھن ان جاءِ تي اچي ڏسن تھ خبر پئجي وڃين تھ گھڻي ويھين سئو آھي؟.. ڪنھن بھ شاگرد جو سورنھن سورنھن ڪلاڪ پڙھڻ جي باوجود پنھنجي ڊيڊي سان موبائل فون تي ڳالھائيندي ھاسٽل مان چيائين ڊيڊي!.. ھي ڪتاب کٽڻ جا نھ آھن، ڄڻ تھ سمنڊ جي ڇولين مان ھڪ لوٽي بھ نھ ڀري آھي…!!
اڄ پري انٽري ٽيسٽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻھ ۾ آھي . پوري ضلعي لاڙڪاڻو، قمبر شھدادڪوٽ، دادو ۽ نوشھرو فيروز سان تعلق رکندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ، پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻو ء ۾ ڪيل انتظام تحت لاڙڪاڻي جي وڳڻ روڊ تي مھمان آھن . ڪارين جون قطارون جيڪي ڳڻڻ کان زور آھن ۽ پورو روڊ ڪنھن بھ سواريءَ کي آسانيءَ سان گذرڻ نھ ٿو ڏئي ، 1435 ڪينڊيڊيٽس جو انتظام ڪيل آھي .
جنھن مان ……. شاگرد ۽ باقي . . . . . . شاگردياڻين لاءِ پوري ضلعي جي پوليس کان ويندي ٽريفڪ پوليس جدا پنھنجي پنھنجي فرض ۾ مشغول آھن.
اسان جي ايمبولينس سي ايم سي ھاسپيٽل طرفان مين گيٽ مان داخل ٿي ، ڊرائيور ، ڊريسر ، ڊسپينسر ۽ ڊاڪٽر جا پورا نالا نوٽ ڪري ، وري بھ پوري تصديق لاءِ منھن ڏيکارڻ لاءِ پروفيسر ظفر حسين پيرزادو جي اڳيان آندو ويو جنھن گذرڻ لاءِ پوليس انتظاميھ کي اشارو ڪيو .مون ان مان اندازو لڳايو تھ ٻين ھزارن سان ائين ٿيو ھوندو .
اچو تھ ڪئمپس ۾ ھلون :
5 عدد ڪئمپون زون A,B,C,D,E ھر ھڪ زون ۾ ڊيسڪس جي ھڪ قطار ۾ .3 عدد ، ۽ ھڪ قطار کان ٻي قطار جي وچ ۾ 5 فوٽ مفاصلو اينٽي ررڪوآرڊينيٽر ء ۽ انويجيليٽر ء کي گذرڻ لاءِ ۽ ھڪ شاگر ٻئي سان ڪو بھ رابطو نھ ڪري سگھي اھڙيون 871 قطارون پنجن زون ۾ ورھايل ٽوٽل تعداد .435 شاگرد جن مان فقط 73 شاگرد غير حاضر رھياراشد علي خواجھ، انيٽي ررڪوآرڊينيٽر ء ڪراچيءَ مان آيل انچارج جا فرائض ڏئي رھيو آھي . ھن ٻڌايو تھ اھڙا .2 آھيون جيڪي ھتي موجود آھيون ھر ھڪ زون ۾ جداجدا ڪئميرا مين موجود آھي جيڪو ھرھڪ شاگرد جي چرپر تي فوڪس ڪري رھيو آھي . اسٽيج جيڪا سڀني زون جي وچ تي اٽڪل .5 فوٽ جي مفاصلي تي ٺاھي وئي آھي ھر ھڪ زون سان تعلق رکندڙ 5عدد ٽي وي جن تي نشان ٿيل آھي A.B.C.D.E، سڀ مھمان سڄو لقاءُ ڏسي رھيا آھن اندر زونس ۾ وڃڻ جي ڪابھ ضرورت محسوس ڪونھ ٿي رھي آھي . ڪنھن جو ڪو پيپر ھيٺ ٿو ڪري تھ اھو بھ پڇي رھيا آھن ۽ ڪوئي ڪنھن سان ڳالھائڻ جي جرت تھ ڇا ! ڪنڌورائي پوئتي بھ نٿا ڏسي سگھن ڇو تھ سڀني کي خبر آھي اسان جي ڪھ ڪھ مومينٽ ڪنھن کان بھ ڪنھن طرح لڪيل نھ آھي. اسٽيج تي ويٺل سي ايم سي ھاسپيٽل ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي شعبي سان تعلق رکندڙ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر پروفيسر سرجن شير محمد شيخ، ڊاڪٽر پروفيسر امان اللھ جوکيو ، ڊاڪٽر پرو فيسر حاڪم علي ابڙو، ڊاڪٽر پروفيسر ظفر حسين پيرزادو ۽ انتظاميھ ڪنٽرولر ڊاڪٽر سڪندر علي شيخ پئٿا لاجسٽ ۽ ڊاڪٽر سڪندر علي مغل پنھجن پنھجن سيٽن تي تيز نگاھھ سان سڀني کي ڏسي رھيا آھن ٻئي طرف پوليس آفيسر اي ايس پي سٽي ساجد کوکر ، ڊي ايس پي سٽي فدا حسين چانڊيو ، ڊي ايس پي حيدري محمد امين کوسو ۽ ٻيا پڻ ويٺل آھن. ڏاڍو سناٽو ڇانيل آھي فقط محمد يحيھ بگٽي جي انائونسمينٽ جو آواز گونججي رھيو آھي. سوالن جو جواب ڪئين لکجي، سوالي پيپر تي ڪجھھ بھ داغ نھ پوي وغيرھ سندس آواز جو جادو ڪنھن بھ شاگرد کي ڊيڄارڻ بدران ھمت افزائيءَ ۾ شامل آھي. پاڻ لاڙڪاڻھ گورنمنٽ پائليٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ بھترين، ھوشيار ۽ بااخلاق ٽيچر آھن. پنجن زون جو ھر مسئلو سندس آواز کي ڪيڏي تھ اھميت آھي جنھن جو قدر ھت ٿي رھيو آھي .
ھن پري انٽري ٽيسٽ ۾ ھڪ سئو آبجيڪٽ ٽائيپ ء سوال ڏنل آھن جن کي .21 منٽن ۾ حل ڪرڻا آھن يعني ھڪ سوال لاءِ ھڪ منٽ ۽ ويھھ سيڪنڊ ء ۽ اگر انھن مان 4 سوال غلط ٿين تھ ھڪ مارڪ ڪٽي ويندي ھي امتحان ساڍي ڏھين وڳي شروع ۽ ساڍي ٻارھين بجي ختم ٿيو . ھتي موبائل تي رابطو ڪرڻ ڏکيو ھو ڇو تھ جيمرآف اليڪٽريڪل ڊواس ء لڳل ھيا جنھن موبائل کي ناڪارھ بنائي ڇڏيواي ڪاميابي ماڻيندڙ شاگرد . . . …!!
تون ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿي چڪو آھين ، ھاڻي تنھجو نئون دئور زندگيءَ جو شروع ٿيو. تون گذريل رات 2 بجي تاءِن ويٺي پڙھيو ۽ صبح جو توکي7 بجي روم پارٽنر اٿاريو !
پارٽنر ! اڄ اناتاميءِ جي ڊاءِ سيڪشن آھي ۽ مرد تي چير ڦاڙٿيندي ؟
اھو اڄوڪو ڏيھن تنھنجي زندگيءَ جو ڪيترو بھ خوبصورت آھي. ھن ڪو ايڊيو ڪيشن لائف ۾ ! تون فوجي قطارن وانگر اپران پھريل لشڪر جي وچ ۾ آھين پر انھن کي متان گھٽ نظر سان ڏسين جيڪي سليڪشن نھ ٿيا انھن جي روئڻ جو آواز توکي ليڪچر حال ۾ ٻڌڻ ايندو ڪن وڃي ڪي شعبا وسايا، ان سور کان ملڪ ڇڏي ويا! ڇو تھ ذھني تسڪين بھ ڪا تسڪين آھي مستقل ۾ تو سان گذرندي ڪٿي نھ ڪٿي ملندا مان واپڊا ۾ ھيڊ ڪلارڪ آھيان تنھنجو ھڪ ٻيو دوست گورنمنٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار آھي ۽ احسان ء اھو فوج ۾ ھليو ويو ۽ عبدالڪريم اھو اڄ ڪلھھ دبئيءَ ۾ رھي ٿو پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ آمريڪا شفٽ ٿي ويو آھي ، جو گرين ڪارڊ مليس ھيل شادي بھ اتي ئي ڪيائين؟…
۽ شاھ نواز لاءَ ڪئي ء اڄ ڪلھھ جج آھي. ماشااللھ !…
۽ زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ فيل ٿيندڙ ھڪ دوست گاڏي ھلندڙ ھڪ اسٽاپ تي اڳ ۾ لھي ويو جو تنھنجي سوالن جا جواب ڏيڻ وقت سندس دل ڀر جي آئي ۽ توکان پنھنجا ڳوڙھا لڪائڻ پئي چاھيا ئين؟!!..

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button