ڪراچي

وفاقي ڪابينه پاران ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ خلاف جماعت اسلامي جو ملڪ گير احتجاج

Asad bhuttoڪراچي: امير جماعت اسلامي پاڪستان سيد منور حسن جي اپيل تي وفاقي ڪابينه پاران ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف جماعت اسلامي پاران ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ اڄ سڄي سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاج ڪيو ويو . صوبائي ترجمان مطابق ان سلسلي۾ڪراچي،سکر،لاڙڪاڻو،ڪنڌڪوٽ،جيڪب آباد ميرپورخاص۽ نوابشاه سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ مسجدن ۽ پريس ڪلب جي ٻاهران ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن کي جماعت اسلامي جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪشمير واري مسئلي کي هڪ طرف رکي ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ ۽ واپار وڌائڻ جون ڳالهيون نظريه پاڪستان کي دفن ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري جدوجهد جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ جيبرابر آهي.
ان سلسلي ۾ سکر ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي ٿيندڙ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته ڀارت پاران لاڳيتو پاڪستان جي سالميت خلاف مذموم ارادن۽ پاڪستان دشمن ڪارواين باوجود حڪومت پاران ان کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ پاڪستان جي قومي مفادن خلاف قدم آهي،حڪومت اسلام ۽ پاڪستان دشمن قوتن جي خوشامد لاءِ ملڪ وقوم جي مفادن جي برخلاف پاليسي تي هلي رهي آهي،قوم هن فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي،حڪومت فوري طور تي اهو فيصلو واپس وٺي.اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته هڪ طرف ڀارت پنهنجي فوج جي ذريعي ولاريل ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪري اقوام متحده جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ کان انڪاري آهي ته ٻي طرف ولاريل علائقي ۾ ڊيم ٺاهي پاڪستان کي ريگستان ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .
حيدرآباد ۾ جمعي نماز کان پوءِ مسجد قبا هيرا آباد ۾ جماعت اسلامي زون وسطي جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سڪريٽري عبدالوحيد قريشي ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جي قاتل ڀارت کي پسنديده ملڪ قرار ڏئي خطي ۾ ڀارتي چوڌراهٽ قائم ڪرڻ جو رستو هموار ڪيو ويو آهي،خطي ۾ ڀارتي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا حڪمرانن جي ذريعي ڀارت کي موسٽ فيوريٽ نيشن جو درجو ڏياريو آهي . اهڙي ملڪ کي پسنديده ملڪ قرار ڏيڻ پاڪستاني عوام جي توهين آهي جيڪو پهرين ڏينهن کان پاڪستان جي وجود جو مخالف ۽ پاڪستان جو پاڻي بند ڪري پاڪستان کي سڪائڻ ۽ ڪشميري عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي .جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد جي امير شيخ شوڪت علي لطيف آباد ۾ مبارڪ مسجد جي ٻاهران احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته قائد اعظم چيو هو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي ،ٽن نسلن گذري وڃڻ جي باوجودمسئله ڪشمير جو حل نه ٿيڻ ۽ ڀارت کي پسنديده ملڪ جو درجو ڏيڻ نظريه پاڪستان جو انڪار آهي .جيڪب آباد: ۾ مرڪز اسلامي ۾ احتجاجي ميڙ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي سڪريٽري جنرل عبدالحفيظ بجاراڻي،مقامي امير ديدار لاشاري ۽حافظ عبدالغني بلوچ چيو ته حڪمرانن جي غلط فيصلن جي ڪري اڄ پاڪستان جي وجود لاءِ شديد خطرا پيدا ٿي چڪا آهن ،جماعت اسلامي جهاد ڪشمير ۽ملڪ خلاف اهڙي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ڪرڻ ڪونه ڏيندي . ڪنڌ ڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهري کي صوبائي ڊپٽي جنرل سڪريٽري حافظ نصرالله چنا،حاجي عبدالوهاب جکراڻي،نواب شاه ۾ اسلامڪ حال ۾ منعقده اجتماع کي سرور احمد قريشي ٽنڊو آدم ۾ عبدالعزيز غوري،مشتاق عادل،۽ مير پور خاص ۾ شاهي بازارمدينه مسجد چوڪ تي احتجاجي مظاهري کي ضلعي امير ظفراقبال مجاهد۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.#

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button