سکر

هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته عوام هن حڪومت مان پنهنجي جان ڇڏائي: ميان نواز شريف

Nawaz Sharif in Chak Shikarpurسکر (بيورورپورٽ) مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته اسيمبلين جي سيٽن تان استعيفائن بابت اڃان فيصلو نه ڪيو ويو آهي، پر هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته عوام هن حڪومت مان پنهنجي جان ڇڏائي، استعيفائن جو فيصلو پاڪستان جي عوام جي مفاد ۽ جمهوريت کي مدي نظر رکندي ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار سکر ايئرپورٽ تي چڪ روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزير خارجه شاهه محمود قريشي سان رابطو ٿيو آهي ۽ ان کان پهريان به ملاقات ٿي چڪي آهي، هاڻي 2 2 نومبر تي ملاقات ٿيندي، هن چيو ته هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته پاڪستان جو عوام هن حڪومت کان پنهنجي جان آجي ڪرائي استعيفائن جو فيصلو پاڪستان جي عوام جي مفاد ۽ جمهوريت کي مدي نظر رکندي ڪيو ويندو ۽ عوام سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت جي توجهه مسئلن ڏانهن ڏيارڻ چاهيون ٿا اسان 8 1 ڪروڙ عوام جي خاطر صبر ڪيو آهي ۽ ڄاڻون ٿا ته موجوده حڪومت پنهنجا واعدا پوري نه ڪري سگهي آهي اهو معاملو منهنجو يا پارٽي جو نه آهي پر پاڪستان جي عوام جو آهي جنهن جي لاءِ اسان قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته چڪ ۾ ٽن هندن جو قتل افسوس ناڪ عمل آهي، ان سلسلي ۾ اقليتي برادري سان گڏ آهيون، موجوده حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ۽ ملڪ جو عوام مسئلا حل نه ڪرڻ تي موجوده حڪومت مان تنگ ٿي چڪو آهي، ملڪ جا قومي ادارا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن ۽ ملڪي معيشيت تباهه ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسان جمهوريت پسند آهيون ۽ جمهوريت کي بچائڻ چاهيون ٿا حڪومت عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. بعد ۾ مسلم ليگ ن جو قائد ميان نواز شريف شڪارپور ضلعي جي شهر چڪ ۾ ٽن قتل ٿيل هندو ڊاڪٽرن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button