سکر

مقامي حڪومت جي نظام سان جيترو فائدو شهري علائقن کي ٿيندو اوترو ئي ٻهراڙي علائقن کي ٿيندو عوام کي گهراهه ڪرڻ لاءِ مقامي حڪومت نظام جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: دانيال عزيز

Danyal Aziz in Sukkurسکر ( رپورٽ ؛ عمر سومرو)لوڪل ڪونسل الائنس جي مرڪزي چيئرمين دانيال عزيز ۽ سنڌ جي صدر سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مقامي حڪومت جي نظام سان جيترو فائدو شهري علائقن کي ٿيندو اوترو ئي ٻهراڙي علائقن کي ٿيندو عوام کي گهراهه ڪرڻ لاءِ مقامي حڪومت نظام جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هنن سکر ۾ يونين ڪائونسل تعلقه ۽ ضلع ۾ مقامي حڪومتن جو قلعو جي عنوان سان منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ سڄي پاڪستان سان تعلق رکندڙ اڳوڻن ضلعي ناظمن ۽ لوڪل ڪونسل الائنس جي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. دانيال عزيز جو چوڻ هو ته موجوده حڪمران عوام کي سهولتن جي فراهميءَ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن، ريلوي، پي آءِ اي ۽ ٻيا ادارا حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن، ملڪ ۾ ڪرپشن، مهانگائي جو هڪ طوفان برپا آهي، حڪمرانن جي ناقص پاليسين جي بدولت غريب عوام پنهنجا ٻار وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهي، غريب، غريب تر ۽ امير، امير تر ٿيندو پيو وڃي، جيڪي حڪمران پنهنجي پالتو جانورن تي لکين روپيه ماهوار خرچ ڪن ٿا انهن کي غريب عوام جو درد ڪهڙو هوندو، هنن چيو ته اسان سڄي ملڪ جي ايڪياسي ضلعن ۽ ڇٽيهه يونين ڪائونسلن ۾ ايل سي اي جي تنظيم سازي ڪئي آهي ۽ اسان مقامي حڪومتن جي نظام جي بحاليءَ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. هنن چيو ته محرم الحرام کانپوءِ اسان پنهنجي ان جدوجهد ۾ تيزي آڻينداسون ۽ ان لاءِ اسان ڌرڻا، جلوس ۽ ٻيا قدم به کڻڻا پيا ته کڻنداسون، عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ اهو شوشو ڇڏيو ويو آهي ته مقامي حڪومتن جو نظام ايم ڪيو ايم کي فائدو ڏيندو، هنن چيو ته جڏهن مقامي حڪومتن جو نظام 1 0 0 2 ۾ نافذ ڪيو ويو هو ته ان وقت جي بلدياتي چونڊن ۾ايم ڪيو ايم حصو نه ورتو هيو. هنن چيو ته 0 0 3 روپيه ڪمائڻ وارو مزدور جي لاءِ گهر جو خرچ هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، مزدور ڪهڙيءَ طرح پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهندو، هنن چيو ته موجوده حڪمران بينڪاري جي حوالي سان جيڪي پاليسيون مرتب ڪري رهيا آهن، ان سان ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي برپا ٿي ويندو، هنن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ايندي نه آهي پر پيدا ڪئي ويندي آهي ڇو ته حڪمران طبقو ملڪ صنعت تي قابض آهي، انهن پاران پنهنجي ملين، فيڪٽرين ۽ وڏا قرض وٺي ڪري واپس نه ڪيا ويندا آهن. ان سلسلي ۾ بينڪن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي وڏن مانگر مڇن کان قرض وٺڻو پوندو، هنن مطالبو ڪيو ته بلدياتي نظام جو نالو ڪجهه به رکيو وڃي پر 3 3 فيصد عورتن جي نمائندگي سان گڏوگڏ اقليتي برادري، مزدورن ۽ هارين جي به نمائندگي به هجڻ کپي، هنن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ موجوده حڪمرانن پاران نوجوانن لاءِ ڪو به قابل ذڪر پاليسي نه ڏئي سگهيو آهي، بيروزگار نوجوان هٿن ۾ ڪاغذ کڻي نوڪري جي تلاش ۾ در در ڀٽڪي رهيا آهن، حڪمرانن جي بيوسي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پارليامينٽ هائوس اڳيان هڪ غريب ماڻهو خودڪشي ڪري ٿو ته ٻيا غريب پنهنجا ٻار وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، مگر حڪمران ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن، هنن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو متحد ٿي ڪري بلدياتي نظام جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۾ انهن جا هٿ مضبوط ڪن ته جيئن انهن جي ٻارن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي. واضح رهي ته مير مقبول خان لهڙي، اسرا الله خان، طاهر امتياز ڦلپوٽو ۽ ٻين اڳوڻن ناظمن به خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button