مسلم ليگ ن سنڌ ۾ فعال ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ آفيسون آهن. سنڌ ۾ آفيسون ساڙڻ اها جمهوريت نه پر غنڊه گردي ۽ دهشتگردي آهي: غوث علي شاھ
سکر ( رپورٽ ؛ عمر سومرو)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته اسان جي آفيسن ۽ گهرن کي ساڙڻ غنڊا گردي ۽ دهشتگردي آهي ۽ هن سسٽم کي هلڻ نه ڏيندي سکر ۾ پارٽي جي ذميوارن کي همت ڏيڻ لاءِ آيو آهيان مخالفن کان گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي انهن سان ڄمي ڪري مقابلو ڪن، سکر ۾ ضلعي صدر سرور لطيف جي رهائش گاهه تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت دوران ڪنهن هڪ به ماڻهو کي نقصان نه پهتو ۽ اسان حڪومت به ڪئي آهي ۽ مارشل لا دور به ڏٺا آهن مگر ڪنهن کي به ان وقت تائين نقصان نه پهچايو آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن تي ڪنٽرول ڪري، اهڙن واقعن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ حڪومت جي ناڪاميءَ جو باعث بڻجندي آهي. هن چيو ته مان پاڻ سنڌ جي دوري تي نڪتو آهيان ۽ جتي اهڙا واقعا پيش آيا آهن پاڻ وڃي ڪري اتان جو جائزو وٺان ۽ پوليس جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن جو پوليس نوٽيس وٺي ڪري ڪيس داخل ڪري، ڊي سي او ۽ ايس ايس پي سڀ جا آهن، اسٽيٽ جي ذميداري آهي. هن چيو ته اسان جا پنهنجا اندروني جيڪي به اختلاف آهن اهي ويهي ڪري حل ڪنداسون ۽ ڪنهن کي به ڪو نه ڇڏينداسون، سڀني کي گڏ وٺي هلنداسين، مخالف چئي رهيا آهن سنڌ ۾ مسلم ليگ ن جون آفيسون ڪو نه آهن ته سڙنديون ڪٿان ان تي مان انهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مسلم ليگ ن سنڌ ۾ فعال ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ آفيسون آهن. سنڌ ۾ آفيسون ساڙڻ اها جمهوريت نه پر غنڊه گردي ۽ دهشتگردي آهي هي ملڪ اصول تي ٺاهيو ويو هيو، سسٽم ۽ راءِ جي عزت نه ڪئي وئي ته ملڪ نه هلي سگهندو. هن ميڊيا کي چيو ته پنهنجي قلم جي ذريعي حق جي ڳالهه کي اڳي کڻي اچن، مان صوبائي گهرو وزير کي اپيل ٿو ڪريان ته جتي به اهي واقعا ٿيا آهن، اتان جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو وڃي ۽ جتي اهڙا واقعا رونما ٿيا آهن ۽ ڪيس داخل نه ٿيا آهن اتي اسان ڪورٽن ۾ پٽيشن دائر ڪري رهيا آهيون ڇو ته ڪورٽون آزاد آهن، هن چيو ته لاهور ۾ عمران خان جو جلسو سٺو هيو، پر ملڪ ۾ فيصلا مجمعي سان نه اليڪشن سان ٿيندا آهن، تازو ضمني چونڊن دوران اسان سيٽون کٽي ورتيون آهن ۽ مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف جلد ئي سنڌ جو دورو ڪندو. هن چيو ته موجوده حڪومت ايندي ئي هن 0 3 ڏينهن جي اندر چيف جسٽس کي بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو مگر هنن چيف جسٽس کي بحال نه ڪيو ته مسلم ليگ ن جو قائد ميان نواز شريف لانگ مارچ ڪري چيف جسٽس کي بحال ڪرايو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نازيبا زبان پهريان صدر لاڙڪاڻي ۾ استعمال ڪئي هئي، حڪومت ۽ متحده قومي موومينٽ جي اتحاد تي هن چيو ته چئن مهينن اڳ جون اخبارون ڏسندا ته سڀني کي خبر پئجي ويندي ته پيپلز پارٽي ۽ متحده جو اتحاد ڇا آهي. ان موقعي تي الله داد بوزدار ،۽ ٻيا پڻ موجود هئا.