زراعت

فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني (ايف ايف سي) پاران سکر ۾ ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

FFCسکر: فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني (ايف ايف سي) پاران ”ڪڻڪ جي منافع بخش ڪاشت“ جي عنوان تي هڪ سيمينار سکر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيو ويو.جنهن جو مهمان خاص ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد هو. سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي سنڌ ۽ پنجاب جي زمينن ۾ ڪو خاص فرق نه آهي صرف ٽڪنالاجي جو فرق آهي جيڪا زمين اتي سون پيدا ڪري ٿي اها هتي به سون پيدا ڪري سگهي ٿي. ، اسان کي سنڌ ۾ نئين جديد ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ وقت ۾ دنيا ۾ خوراڪ جا مسئلا پيدا ٿيڻ جا خدشات آهن اسان جي ملڪ جي آبادي وڌي رهي آهي ۽ پوکي واري زمين گهٽجي رهي آهي جنهن ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جي مسئلن کي دور ڪرڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪري گهٽ زمين مان گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. زميندار کي هن پيشي کي ڪاروبار ۾ تبديل ڪري فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته يوريا ڀاڻ جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ذخيره اندوزي ڪرڻ وارن جي خلاف قانوني قدم کنيا ويندا. هن کان اڳ ايف ايف سي جي ريجنل مينيجر رائو شفاعت علي سيمينار جي مول متن متعلق ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته هن سيمينار جو مقصد آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوکي متعلق ڄاڻ ڏيڻ آهي ته جيئين هو ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي صحيح استعمال متعلق آگاهي حاصل ڪن هن وڌيڪ چيو ته ايف ايف سي ڀاڻ جا ٽي ڪارخانا جيڪي مير پور ماٿيلو، صادق آباد ۽ ڪراچي ۾ ڊي اي پي ڀاڻ ۽ يوريا ڀاڻ تيار ڪري رهيا آهن پر گيس جي گهٽتائي جي ڪري يوريا ڀاڻ گهٽ تيار ٿي رهيو آهي جنهن ڪري يوريا ڀاڻ ٻاهران گهرائڻو پوي ٿو فارم ايڊوائيزري جي مينيجر محمد سليم سيمينار کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پنج مٽي ۽ پاڻي چڪاس ڪرڻ جون ليبارٽريون ڪم ڪري رهيون آهن جنهن مان هڪ ليبارٽري هالا سنڌ م ڪم ڪري رهي آهي هنن ليبارٽرين ۾ آباد گارن کي مفت مٽي ۽ پاڻيءَ جي چڪاس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٿي. انهي موقعي تي فوجي فرٽيلائيز ڪمپني جي سينئر ايگزيڪيوٽو عبدالجليل جروار پڻ موضوع جي مناسبت سان پنهجي خيالن جو اظهار ڪيو. سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ آبادگارن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ في ايڪڙ سراسري پيداوار ۾ اضافي جي ڪافي گنجائش موجود آهي ڪجهه پروگريسو آبادگار سراسري پيداوار کان ٻيڻ ٽيڻ تي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري رهيا آهن. عام آبادگار به فصلن جي پوکي جا جديد طريقا استعمال ڪري پنهجي پيداوار م ڪافي حد تائين اضافو ڪري سگهن ٿا. هن سيمينار ۾ فوجي فرٽيلائيز ڪمپني،ايگريڪلچر جي عملدارن ، آبادگارن ۽ زميندارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button