سکر جي تجارتي علائقن ۾ ڦر لٽ ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ اضافو, سکر پوليس ڦر جون وارداتون روڪڻ ۾ ناڪام
سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي تجارتي علائقن ۾ ڦر لٽ ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ اضافو، انور پراچه اسپتال روڊ تي واقع ڪمپيوٽر جي دڪان ۾ ڏينهن ڏٺي 3 نامعلوم هٿياربند داخل ٿي ڪري اسلحي جي زور تي يرغمال بڻائي ڪري لکين روپيه روڪ، ڪئميرائون، موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد فرار، ڄاڻايل دڪان ۾ ڦر جي ٻئين واردات متاثر ٿيل شخص پاران ڦر جو سامان واپس ڪرڻ جو مطالبو، ٻئي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو اعلان، 4 2 ڪلاڪن دوران شهر ۾ ڦر جي ٽئين وڏي واردات، سکر شهر ۾ ڌاڙيل راڄ قائم، سکر پوليس ڦر جون وارداتون روڪڻ ۾ ناڪام، سکر پوليس آفيسرن پاران پريس ڪانفرنس جي ذريعي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تائين مجبور، شهري ۽ تاجر ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ۽ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا، خبر موجب سکر جي تجارتي علائقن ۾ ڦر لٽ ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ ڏينهو ڏينهن تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، سومر جي ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انور پراچه اسپتال روڊ تي واقع ڪمپيوٽر جي دڪان ۾ ڏينهن ڏٺي 3 نامعلوم هٿياربند داخل ٿي ڪري اسلحي جي زور تي دڪان جي مالڪن صابر ڀٽي، سرور ڀٽي ۽ ٻين کي يرغمال بڻائي ڪري لکين روپيه روڪ، ڪئميرائون، موبائل فونون ۽ قيمتي سامان ڦرڻ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ان کان اڳ به ساڳئي دڪان مان ڦر جي واردات ٿي چڪي آهي، مگر اڄ تائين ان جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، دڪان جي مالڪ پاران سکر پوليس جي ناڪامي جي ڪري ۽ ڦر ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي صورت ۾ هن گهنٽه گهر چوڪ تي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته 4 2 ڪلاڪن جي اندر ٽئين وڏي واردات آهي، ان کان اڳ نمڪ بازار جي تاجر محمد اقبال کان هٿياربند 0 5 هزار روپيه ۽ ڪجهه ئي فاصلي تي نشتر روڊ جي تاجر گل حسن چاچڙ کان 4 لک روپيه ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته سکر شهر ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ٿي وڃڻ ڪري هٿياربند ڏينهن ڏٺي سرعام تاجرن کان ڦري رهيا آهن، مگر پوليس ڦر جي وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سکر جا پوليس آفيسر پريس ڪانفرنس ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته شهري ۽ تاجر ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي هجڻ ڪري پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، سکر شهر اندر ڏينهن ڏٺي ڦر جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ کانپوءِ تاجر پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ هڪ هفتي دوران ڦر جون 0 1 وارداتون ٿي چڪيون آهن، مگر پوليس پاران ڦر ٿيل واراداتن مان اڃان تائين هڪ به واپس نه ڪرائي سگهي آهي، سکر جي شهرين ۽ تاجرن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر شهر اندر ڏينهن ڏٺي جو ٿيندڙ وارداتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي شهرين ۽ تاجرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.