اسلام آباد
سيڪيورٽي ايجنسين کي سياست ۾ شامل نه ڪيو وڃي، الزامن سان ڪو فرق نه پوندو:رحمان ملڪ
اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ پاڪستان مان ڪا به گرفتار نه ڪئي وئي آهي، لنڊن پوليس معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي آفيس کي خط لکيو هو، الزامن سان ڪو به فرق نه پوندو، سيڪيورٽي ايجنسين کي سياست ۾ شامل نه ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي ته سيڪيورٽي ايجنسين جو نالو بدنام ڪيو ويندو آهي، سيڪيورٽي ايجنسين خلاف پروپيگنڊا کان پاسو ڪيو وڃي، سياست کي سياست وانگر ڪيو وڃي، سياست ۾ گار جو جواب گار ۾ ئي ملندو ۽ دوستي جو جواب دوستي ۾ ايندو، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چڪوال واقعي بابت پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪندس.