سنڌ وڏو واپار او سائين..!
اسلم نهڙيو
اڪثر ڪري اسان وٽ برادرين ۾ ائين ٿيندو آهي، ته ڪو هڪ ماڻهو ڪا چڱي ڳالهه/روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته انهي ۾ڪجهه منفي سوچ رکندڙ ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪردار ضرور نڀائيندا آهن، جيئن هينئر به سنڌ ۾ ثقافت ۽ ايڪتا جي نالي ۾ اسان سان پنهنجن ئي مذاق ڪيو آهي، جڏهن ته اسين اهو چوندي ڪڏهن به ڪونه ڍاپندا آهيون ته اسان سنڌ واسين جو هڪ ئي مقصد آهي خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ ته پوءِ انهي ۾ اهڙا پروگرا۾ ۽ ڏيهاڙا ٻن ڏينهن ۾ هڪ ثقافت جي نالي ۾ ٻيو وري ايڪتا جي نالي ۾ ڇو پيا ملهايون!؟. اي سنڌ وطن سان پنهنهجي ازلي عشقن جا عهد وچن ڪندڙ ۽ تبدلي پسندن جا رول ماڊل دانشورو!اسان جي سٻاجهڙن سنڌين کي ڏسو جيڪي توهان جي انهن ٻنهي سڏن کي دل جي گهراين سان لبيڪ چئي ميدان ۾ لٿا ۽ انهن پاڻ ملهايو ،ڇو ته اگي جيڪڏهن هو ان ڏينهن تي ٻاهر نه نڪرن ها ته ڪمرشل سنڌ پرست سيٺيا انهن کي وطن دوستي جو سرٽيفڪيٽ نه ڏين ها .دهل وڳو ديس نچيو،نياڻين کان رقص ڪرائي ڌرتئ جي تهذيب جو تقدس پائمال ڪيو ويو.انهن ٻن ڏينهن ۾ ڇا ٿيو ؟سنڌي ماڻهو سڀ محروميون ۽ غلامي جا ڦٽ وساري نچڻ کي لڳي ويا، جيڪواسان به ڏٺو ۽ توهان به ڏٺو هوندو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته چڱن مڙسن کي ٽڪي جو به احساس ڪونهي ته انهن غريب مسڪين ماڻهن سان اسين ڇا ڪري رهيا آهيون؟، جن وٽ ٻن ويلن جي ماني مسئلو هجي پر پوءِ به بقول توهان جي ته ” اوڻيهه وينهنءَتاريخ تي گڏ ٿي پنهنجو سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏيندا“ جن انهي ٻنهي ڏينهن تي توهان کي پنهنجي ٻارن ٻچن سان گڏ ثقافتي رنگ ۾نچي ۽ ڪوٽي سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏنو. پر توهان ڌڙابندي جي صورت ۾ انهن ٻن تاريخن کي پنهنجي ۽ پنهنجي اداري جو انا جو مسئلو سمجهي ڪري پنهنجي ذاتي مفادن ۽ پنهنجي چڱن مڙسي ڏيکارڻ جي چڪر ۾ اسان جي سٻاجهڙي قوم کي ڀولڙن جيان نچائيندا رهيا. جڏهن اسان اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي منظر ڏٺا ته اسان کي وڌيڪ ڏک ۽ تڪليف پهتي ته هر ٽي وي چينل صرف پنهنجي قصيدن جا منظر ڏيکاري رهيو هو ته فلاڻي جي سڏ تي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو……… جنهن جي انهن خوشين کي به حصن پتين ۾ ورائي ڏيکاريو ته هن ڏينهن تي به اسان گڏ نه آهيون. هنن انهي ثقافتي ۽ ايڪتا ڏيهاڙي کي به هڪ ڪاڄ جيان ڏيکاريو پئي، مطلب ته جنهن ٽي وي چينل جي طرفان اهو ڪاڄ هو صرف پنهنجي پوسٽرن، بينر، لوگن ۽ قصيدن وارا منظر ڏيکاري رهيا هئا جئين ڪا اسٽوري ٽيليڪاسٽ ڪري رهيا هجن، جڏهن ته هي اسان سڀني سنڌ واسين جو اجتماعي پروگرام هو جيڪو هنن پنهنجي نالي پئي ڪيش ڪرايو. جيڪو سراسر غلط آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ هڪ تاريخ تي اهو پروگرام ڪرڻ تي متفق نه ٿيا ته انهي ۾ اسان سنڌ واسين جو ڪهڙو ڏوهه؟، توهان پاڻ کي صحافت جا عملبردار ٿا چورايو توهان صحافت سان به ڊرامابازي ٿا ڪريو انهي جو ڪن ادارن لاءِ 19 تاريخ وارو پروگرام ڄڻ ٿيو ئي نه هجي ته ڪنهن لاءِ 20 تاريخ وارو پروگرام، اُهي اخبارو ۽ رپوٽون توهان تي شاهد آهن. اڳ۾ ئي اسان وٽ صحافت بدنام ٿيندي ٿي وڃي مٿان وري توهان جهڙا معتبر شخص/ ادارا جيڪڏهن قوم ڪاڄ به برادري انداز ۾ ڪندا ته پوءِ توهان جيڪي سڄو ڏينهن جيڪي سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ جا ليڪچر پيا ڏيو سي وري ڪهڙي ڪم جا؟
جڏهن ڪنهن ماڻهو اسان جي ٽوپي ۽ اجرڪ تي تنقيد ڪئي ته اسان ڪاوڙ ۾ اچي اهو ڏينهن گڏيل طور تي ملهايوسين ته دنيا جي ماڻهن ڏند آڱريون اچي ويو ته هي وري ڇا؟ ڪٿان ماڻهن جو سمنڊ اُٿلي پيو آهي، جنهن کي وري ڪجهه سالن کان ڪنهن بد نظر جي نظر لڳي وئي جو اسان هاڻ انهي کي به تضاد جي ور چاڙهي رهيا آهيون. آخر ڇواسان انهي ڏينهن کي ثقافت ۽ ايڪتا جي نالي ۾ مذاق بڻائي رهيا آهيون؟ ڇا انفرادي طور تي اسان کي اهو ڏينهن پهرين جيان اجتماعي طور ملهائڻ نه گهرجي ها؟ جيڪو بهتر به ٿئي ها !، پر افسوس جو انهي پويان به توهان پنهنجي ڌنڌي جا ڪي راز رکي ثابت ڪيو ته سنڌ جو نالو هن دور ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڪاروبار آهي .هي ڏينهن هر ڪنهن ملهايو پر افسوس جو توهان پاڻ ۾ نه ملهايو جيڪو اسان کي به ڏسڻ ۾ آيو. مهرباني ڪري سياسي اداڪارن وانگر سنڌ جي نالي تي اهڙا ڊراما نه ڪريو. توهان جي انهي عمل جي ڪري اسان سنڌ واسين تان ٺٺولون ٿين ٿيون. جنهن جي ڪيترن ئي سنڌ واسين کي ڏک رسيو آهي، جنهن جي توهان کي معافي وٺڻ کپي. جيڪڏهن توهان جو اهو ئي ٽوپي ڊرامورهيو ته شايد اسان اڃان به وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي وينداسين. جيڪڏهن توهان کي سياست ڪرڻي آهي ته انهي لاءِ ٻيا ميدان گهڻائي پيا آهن پر صحافت جي آڙ ۾ اسان سنڌ واسين کي خوار خراب نه ڪريو. اسان کي پنهنجي سنڌ جيان انهي جي ثقافت ٻولي ۽ هر شيءَ پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي، انهي لاءِ اسان نٿا چاهيو ته اهڙو ڪو سنڌ جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو وڃي، جنهن سان دنيا جا ماڻهو اسان جو مثال ڏين ته سنڌي پنهنجي ثقافت جو ڏينهن به هڪ ڏينهن گڏ ٿي نٿا ملهائي سگهن، جنهن ڪري اسان ۾ ويڇاءَ ۽ نفرتون پکڙجن. انهي لاءِ اسين توهان جي انهي عمل کي غلط سمجهون ٿا. اسين انهن ادارن جي چڱن مڙسن کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته خدار ائين نه ڪريو، هي توهان جي ڌندي جو سوال ڪونهي هي اسان جي سنڌ ڌرتي ۽ انهي جي ثقافت جو سوال آهي. مهرباني ڪري سنڌ ۽ سنڌين سان مذاق نه ڪريو جيڪڌهن توهان انهي جي نالي تي الڳ الڳ ديڳڙيون چاڙهي ويندا ته انهي ڌرتي جو ڇا ٿيندو!، جنهن کي اسين پنهنجي جيجل ماءُ چئون ٿا ۽ پاڻ کي هميشه انهي جا حلالي پٽ سڏرايون ٿا. ڇا ڪا جيجل ماءُ پنهنجن ٻچن کي ڌڙابندي ۾ ڏسي سگهي ٿي جيڪا توهان ڪري رهيا آهيو. توهان جي انهي عمل جي ڪري نقصان به اسان جو پنهنجو ئي ٿيندو. خدارا توهان کي هڪ دفعو وري به عرض آهي ته ڌڙابندي کان بهتر آهي اهو ثقافتي ڏينهن گڏيل طور پهرين سال جيان گڏيل طور ملايو جيڪو اسان لاءِ بهتر ٿيندو.
بهتر اهو ٿيندو ته انهن روءَنشن جي بجاءِ ٽيڙو،غزل،شارٽ اسٽُوري جي خالق عظيم ڏات ڌڻين ۽، تعلقه ، ڊسٽرڪٽ رپورٽر بنجي ڌرتي جا سور بيان ڪندڙ صحافين کي پابند بڻايو ته اوهين ڌرتي تي رڳو اهو احسان ڪريو جو پنهجون ڊيوٽيون ايماندارئ سان ڪريو .بند پيل اسڪول ۽ معصوم ٻار اوهان جا منتظر آهن .هڪ ڏينهن اهڙو به ته ملهائڻ گهرجي . جي سڀ سنڌي بينر کڻي تعليم جي بچاءَ لا ٻاهر نڪري پون .
اسان اميد ٿا ڪريون ته تبديلي جي شروعات ۾ دير نه ڪئي ويندي[email protected]
اسلم نهڙيو
بدين